| اقرَأ بِاسمِ رَبِّكَ الَّذى خَلَقَ (آيت : 1) |
|
رسولِ عربي توهان پنهنجي رب جي نالي سان پڙهو، جنهن پيدا ڪيو |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن عَلَقٍ (آيت : 2) |
|
انسان کي رت جي دِڳ مان پيدا ڪيو |
| اقرَأ وَرَبُّكَ الأَكرَمُ (آيت : 3) |
|
توهان پڙهو ۽ توهان جو رب وڏو ڪريم آهي |
| الَّذى عَلَّمَ بِالقَلَمِ (آيت : 4) |
|
اهو رب جنهن قلم سان (لِکڻ وغيره) سيکاريو |
| عَلَّمَ الإِنسٰنَ ما لَم يَعلَم (آيت : 5) |
|
انسان کي ان سيکاريو جيڪو اهو نه ڄاڻندو هو |
| كَلّا إِنَّ الإِنسٰنَ لَيَطغىٰ (آيت : 6) |
|
خبردار ! بيشڪ انسان نافرماني ڪري ٿو |
| أَن رَءاهُ استَغنىٰ (آيت : 7) |
|
جنهن وقت اهو پاڻ کي غني ڏسي ٿو |
| إِنَّ إِلىٰ رَبِّكَ الرُّجعىٰ (آيت : 8) |
|
بيشڪ (سڀني کي) توهان جي رب ڏانهن موٽڻو آهي |
| أَرَءَيتَ الَّذى يَنهىٰ (آيت : 9) |
|
ڇا توهان ان ماڻهو کي نه ڏٺو |
| عَبدًا إِذا صَلّىٰ (آيت : 10) |
|
جيڪو رسولِ عربيءَ کي نماز پڙهڻ کان روڪي ٿو |
| أَرَءَيتَ إِن كانَ عَلَى الهُدىٰ (آيت : 11) |
|
ڇا توهان ان کي نه ڏٺو جو جيڪڏهن اهو هدايت تي هجي ها |
| أَو أَمَرَ بِالتَّقوىٰ (آيت : 12) |
|
يا پرهيزگاريءَ جو چوي ها |
| أَرَءَيتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 13) |
|
ڇا توهان ان کي نه ڏٺو جو جنهن وقت ان تڪذيب ڪئي ۽ مُنهن موڙيو |
| أَلَم يَعلَم بِأَنَّ اللَّهَ يَرىٰ (آيت : 14) |
|
ڇا اهو نٿو ڄاڻي ته بيشڪ الله تعالى ڏسي پيو |
| كَلّا لَئِن لَم يَنتَهِ لَنَسفَعًا بِالنّاصِيَةِ (آيت : 15) |
|
خبردار ! جيڪڏهن اهو باز نه آيو، ته اسين يقيناً ان کي پيشاني کان پڪڙينداسين |
| ناصِيَةٍ كٰذِبَةٍ خاطِئَةٍ (آيت : 16) |
|
اها پيشاني جيڪا ڪوڙي آهي (۽) گنهگار آهي |
| فَليَدعُ نادِيَهُ (آيت : 17) |
|
پوءِ ڀلي اهو پنهنجي مجلس وارن کي پڪاري |
| سَنَدعُ الزَّبانِيَةَ (آيت : 18) |
|
اسين به فوراً پنهنجي عذاب وارن ملائڪن کي سڏينداسين |
| كَلّا لا تُطِعهُ وَاسجُد وَاقتَرِب (آيت : 19) |
|
خبردار ! ان جي ڪا ڳالهه نه ٻُڌو ۽ توهان (هميشه) سجدو ڪريو ۽ (مون کي) ويجھا ٿيو |