| اقرَأ بِاسمِ رَبِّكَ الَّذى خَلَقَ (آيت : 1) |
|
(اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو. |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن عَلَقٍ (آيت : 2) |
|
ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين. |
| اقرَأ وَرَبُّكَ الأَكرَمُ (آيت : 3) |
|
پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي. |
| الَّذى عَلَّمَ بِالقَلَمِ (آيت : 4) |
|
جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو. |
| عَلَّمَ الإِنسٰنَ ما لَم يَعلَم (آيت : 5) |
|
ماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو. |
| كَلّا إِنَّ الإِنسٰنَ لَيَطغىٰ (آيت : 6) |
|
سچ آھي ته بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي. |
| أَن رَءاهُ استَغنىٰ (آيت : 7) |
|
جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي. |
| إِنَّ إِلىٰ رَبِّكَ الرُّجعىٰ (آيت : 8) |
|
بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي. |
| أَرَءَيتَ الَّذى يَنهىٰ (آيت : 9) |
|
اُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي. |
| عَبدًا إِذا صَلّىٰ (آيت : 10) |
|
(منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اھو نماز پڙھندو آھي. |
| أَرَءَيتَ إِن كانَ عَلَى الهُدىٰ (آيت : 11) |
|
ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن (اُھو ماڻھو) سڌي رستي تي ھجي ھا. |
| أَو أَمَرَ بِالتَّقوىٰ (آيت : 12) |
|
يا پرھيزگاريءَ جو حڪم ڪري ھا. |
| أَرَءَيتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 13) |
|
ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺيرو ٿيو. |
| أَلَم يَعلَم بِأَنَّ اللَّهَ يَرىٰ (آيت : 14) |
|
ته (ھيُ) نه ڄاتائين ڇا ته الله ڏسي ٿو. |
| كَلّا لَئِن لَم يَنتَهِ لَنَسفَعًا بِالنّاصِيَةِ (آيت : 15) |
|
ائين نه آھي! قسم آھي ته جيڪڏھن پاڻ نه پليندو، ته ضرور پيشانيءَ جي وارن کان وٺي گھلينداسونس. |
| ناصِيَةٍ كٰذِبَةٍ خاطِئَةٍ (آيت : 16) |
|
اُھا پيشاني جا ڪوڙي گنھگار آھي. |
| فَليَدعُ نادِيَهُ (آيت : 17) |
|
پوءِ ڀلي ته پنھنجي ڪچھريءَ وارن کي سڏي. |
| سَنَدعُ الزَّبانِيَةَ (آيت : 18) |
|
اسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون. |
| كَلّا لا تُطِعهُ وَاسجُد وَاقتَرِب (آيت : 19) |
|
ائين نه آھي، تون چيو نه مڃيس ۽ سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجھو ٿيءُ. |