| اقرَأ بِاسمِ رَبِّكَ الَّذى خَلَقَ (آيت : 1) |
|
تون پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙهه، جنھن پيدا ڪيو. |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن عَلَقٍ (آيت : 2) |
|
هُن انسان کي رت جي دِڳَ مان پيدا ڪيو. |
| اقرَأ وَرَبُّكَ الأَكرَمُ (آيت : 3) |
|
پڙهه! ۽ تنھنجو پالڻھار وڏي عزت وارو آهي. |
| الَّذى عَلَّمَ بِالقَلَمِ (آيت : 4) |
|
جنھن قلم ذريعي (انسان کي علم) سيکاريو. |
| عَلَّمَ الإِنسٰنَ ما لَم يَعلَم (آيت : 5) |
|
هُن انسان کي اهڙيون ڳالهيون سيکاريون جيڪي کيس معلوم نه هيون. |
| كَلّا إِنَّ الإِنسٰنَ لَيَطغىٰ (آيت : 6) |
|
هرگز نه! (ان جي باوجود به) بيشڪ انسان بغاوت تي لهي آيو آهي. |
| أَن رَءاهُ استَغنىٰ (آيت : 7) |
|
ان ڪري جو هو پنھنجو پاڻ کي بي پرواهه سمجهي ٿو. |
| إِنَّ إِلىٰ رَبِّكَ الرُّجعىٰ (آيت : 8) |
|
حالانڪه (توهان کي) پنھنجي پالڻھار ڏانھن ئي موٽڻو آهي. |
| أَرَءَيتَ الَّذى يَنهىٰ (آيت : 9) |
|
ڇا تو ان شخص کي ڏٺو جيڪو روڪي ٿو؟ |
| عَبدًا إِذا صَلّىٰ (آيت : 10) |
|
(منهنجي) ٻانهي (ﷴ ﷺ) کي جڏهن هو نماز پڙهي ٿو. |
| أَرَءَيتَ إِن كانَ عَلَى الهُدىٰ (آيت : 11) |
|
(اي مخاطب!) اهو ته ڏسو: جيڪڏهن اهو (نماز پڙهندڙ ٻانهو) سڌي راهه تي هجي. |
| أَو أَمَرَ بِالتَّقوىٰ (آيت : 12) |
|
يا (هو ٻين کي) پرهيزگاري جي تعليم ڏيندو هجي. |
| أَرَءَيتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 13) |
|
(اي مخاطب!) اهو ته ڏسو: جيڪو شخص (هروڀرو رسول سڳوري کي) ڪوڙو ڪري ٿو ۽ (قرآن کان) منھن موڙي ٿو. |
| أَلَم يَعلَم بِأَنَّ اللَّهَ يَرىٰ (آيت : 14) |
|
ته ڇا اُهو نٿو سمجهي ته الله تعالى ان (جي بغاوت) کي ڏسي رهيو آهي. |
| كَلّا لَئِن لَم يَنتَهِ لَنَسفَعًا بِالنّاصِيَةِ (آيت : 15) |
|
هرگز نه! جيڪڏهن هو (پنھنجي انهن ڪريل حرڪتن کان) نه مڙيو ته اسان کيس پيشاني جي وارن کان پڪڙي گھلينداسين. |
| ناصِيَةٍ كٰذِبَةٍ خاطِئَةٍ (آيت : 16) |
|
اها پيشاني جيڪا ڪوڙي ۽ (الله تعالى جي اڳيان نه جهڪڻ ڪري) وڏي گنهگار آهي. |
| فَليَدعُ نادِيَهُ (آيت : 17) |
|
(کيس موڪل اٿس ته) ڀلي پنھنجي حمايتين کي سڏي وٺي. |
| سَنَدعُ الزَّبانِيَةَ (آيت : 18) |
|
اسان به دوزخ جي ملائڪن کي گهرائي وٺنداسين. |
| كَلّا لا تُطِعهُ وَاسجُد وَاقتَرِب (آيت : 19) |
|
خبردار! (اي نبيﷺ!) تون ڪڏهن به ان جي ڳالهه نه مڃجانءِ. بس تون (الله تعالى جي اڳيان) سجدو ڪر ۽ ان جو قرب حاصل ڪر. |