| اقرَأ بِاسمِ رَبِّكَ الَّذى خَلَقَ (آيت : 1) |
|
پڙهه (اي نبي) نالي پنهنجي رب جي سان، جنهن پيدا ڪيو |
| خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن عَلَقٍ (آيت : 2) |
|
پيدا ڪيو انسان کي رت جي دڳ مان |
| اقرَأ وَرَبُّكَ الأَكرَمُ (آيت : 3) |
|
پڙهه ۽ تنهنجو رب وڏو ڪريم آهي |
| الَّذى عَلَّمَ بِالقَلَمِ (آيت : 4) |
|
جنهن علم سيکاريو قلم جي ذريعي |
| عَلَّمَ الإِنسٰنَ ما لَم يَعلَم (آيت : 5) |
|
علم ڏنو انسان کي جنهن کي اهو نه ڄاڻندو هو |
| كَلّا إِنَّ الإِنسٰنَ لَيَطغىٰ (آيت : 6) |
|
هرگز نه (خبردار) بيشڪ انسان سرڪشي ڪندو آهي |
| أَن رَءاهُ استَغنىٰ (آيت : 7) |
|
جڏهن ڏسي ٿو پاڻ کي بي پرواهه |
| إِنَّ إِلىٰ رَبِّكَ الرُّجعىٰ (آيت : 8) |
|
(جڏهن ته) بيشڪ تنهنجي رب ڏي ئي موٽڻو آهي |
| أَرَءَيتَ الَّذى يَنهىٰ (آيت : 9) |
|
ڇا تو ڏٺو ان ماڻهو کي جيڪو روڪي ٿو |
| عَبدًا إِذا صَلّىٰ (آيت : 10) |
|
هڪ ٻانهي کي جڏهن هو نماز پڙهي پيو |
| أَرَءَيتَ إِن كانَ عَلَى الهُدىٰ (آيت : 11) |
|
ڀلا خبر ڏي جيڪڏهن هجي اهو (بندو) سڌي راهه تي؟ |
| أَو أَمَرَ بِالتَّقوىٰ (آيت : 12) |
|
يا حڪم ڪندو هجي پرهيزگاريءَ جو |
| أَرَءَيتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 13) |
|
ڀلا خبر ڏي جي (اهو) ڪوڙو ڪندو هجي (حق کي) ۽ منهن موڙي ٿو |
| أَلَم يَعلَم بِأَنَّ اللَّهَ يَرىٰ (آيت : 14) |
|
ڇا نٿو ڄاڻي اهو ته بيشڪ الله ڏسي رهيو آهي؟ |
| كَلّا لَئِن لَم يَنتَهِ لَنَسفَعًا بِالنّاصِيَةِ (آيت : 15) |
|
هرگز نه (خبردار!) جيڪڏهن نه مڙيو ته ضرور گهلينداسين ان کي پيشانيءَ کان |
| ناصِيَةٍ كٰذِبَةٍ خاطِئَةٍ (آيت : 16) |
|
پيشاني جيڪا ڪوڙي آهي سخت خطاڪار |
| فَليَدعُ نادِيَهُ (آيت : 17) |
|
پوءِ ڀلي سڏي وٺي پنهنجو ٽولو |
| سَنَدعُ الزَّبانِيَةَ (آيت : 18) |
|
اسين به سڏينداسين عذاب جي فرشتن کي |
| كَلّا لا تُطِعهُ وَاسجُد وَاقتَرِب (آيت : 19) |
|
هرگز نه (خبردار) نه مڃ ان جي ڳالهه ۽ سجدو ڪر ۽ قرب وٺ |