| وَالتّينِ وَالزَّيتونِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي انجير جو ۽ زيتون جو |
| وَطورِ سينينَ (آيت : 2) |
|
۽ طور سينا |
| وَهٰذَا البَلَدِ الأَمينِ (آيت : 3) |
|
۽ هن امن واري شهر (مڪي) جو |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى أَحسَنِ تَقويمٍ (آيت : 4) |
|
اسان انسان کي سهڻيءَ ۾ سهڻي بناوت ۾ پيدا ڪيو |
| ثُمَّ رَدَدنٰهُ أَسفَلَ سٰفِلينَ (آيت : 5) |
|
پوءِ وري ان کي پوئتي موٽائي سڀني هيٺين کان هيٺ حالت ۾ ڪري ڇڏيوسونس |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 6) |
|
سواءِ انهن ماڻهن جي، جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيائون، انهن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي |
| فَما يُكَذِّبُكَ بَعدُ بِالدّينِ (آيت : 7) |
|
پوءِ (اي نبي) هن کان پوءِ ڪير ٿو توکي حساب ڪتاب جي معاملي ۾ ڪوڙو سڏي سگهي؟ |
| أَلَيسَ اللَّهُ بِأَحكَمِ الحٰكِمينَ (آيت : 8) |
|
ڇا الله سڀني حاڪمن کان وڏو حاڪم ناهي؟ |