| وَالتّينِ وَالزَّيتونِ (آيت : 1) |
|
آهي ساک اِنجِير جي، پڻ زيتون زير نِگاھ، |
| وَطورِ سينينَ (آيت : 2) |
|
۽ پڻ ساک سِينِين جِي، جو جَبل جَلوه گاھ، |
| وَهٰذَا البَلَدِ الأَمينِ (آيت : 3) |
|
پڻ شاهِدِي هِن شَهر جِي، جو پُشتا پُشت پَناھ، |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى أَحسَنِ تَقويمٍ (آيت : 4) |
|
ته اَسان هِن اِنسان کي، عَجب اُپايو آھ، برابر بِيهڪ ۾، سَنئون سُهڻو واھ!، |
| ثُمَّ رَدَدنٰهُ أَسفَلَ سٰفِلينَ (آيت : 5) |
|
پوءِ هَٽايو سُونسِ هيٺ وَرِي، تَرو تَر تباھ، |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 6) |
|
مگر جِن مَڃيو، ۽ ڪيئون، چڱايون، سِين چاھ، پوءِ اَکٽ آهِن اُنهن لئي، دَرجا مَنجھ دَرگاھ، |
| فَما يُكَذِّبُكَ بَعدُ بِالدّينِ (آيت : 7) |
|
پوءِ اَڃائـِي، اِنصاف ۾، جو مُقرّر مَحشرگاھ، توکي ڪُوڙو ڪير چوي؟ اي مُرسل مِهر نِگاھ، |
| أَلَيسَ اللَّهُ بِأَحكَمِ الحٰكِمينَ (آيت : 8) |
|
ڇا، آهي ڪِين اَلله، حاڪِم حاڪِمن جو؟ |