| وَالتّينِ وَالزَّيتونِ (آيت : 1) |
|
انجير ۽ زيتون |
| وَطورِ سينينَ (آيت : 2) |
|
۽ طورسينا |
| وَهٰذَا البَلَدِ الأَمينِ (آيت : 3) |
|
۽ هن امن واري شهر(مڪي) جو قسم آهي |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى أَحسَنِ تَقويمٍ (آيت : 4) |
|
ته بيشڪ اسان انسان کي تمام سهڻي انداز ۾ پيدا ڪيو آهي |
| ثُمَّ رَدَدنٰهُ أَسفَلَ سٰفِلينَ (آيت : 5) |
|
وري اسان ان کي هيٺين کان به هيٺينءَ حالت ڏي موٽايو آهي |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 6) |
|
پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ اڻ کُٽ اجر آهي |
| فَما يُكَذِّبُكَ بَعدُ بِالدّينِ (آيت : 7) |
|
پوءِ اي انسان! هن کان پوءِ ڪهڙي شيءِ توکان جزا سزا ملڻ جو انڪار ڪرائي ٿي؟ |
| أَلَيسَ اللَّهُ بِأَحكَمِ الحٰكِمينَ (آيت : 8) |
|
ڇا الله سڀني حاڪمن کان زبردست حاڪم نه آهي؟ |