| وَالتّينِ وَالزَّيتونِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي انجير جو قسم آهي زيتون جو. |
| وَطورِ سينينَ (آيت : 2) |
|
۽ قسم آهي سينا (جي جبل) طور جو. |
| وَهٰذَا البَلَدِ الأَمينِ (آيت : 3) |
|
۽ قسم آهي هن امن واري شهر (مڪي) جو. |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى أَحسَنِ تَقويمٍ (آيت : 4) |
|
ته بيشڪ اسان انسان کي تمام سهڻي بناوت ۾ پيدا ڪيو آهي. |
| ثُمَّ رَدَدنٰهُ أَسفَلَ سٰفِلينَ (آيت : 5) |
|
پوءِ اسان ان کي هيٺين کان هيٺين حالت طرف موٽايو. |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 6) |
|
سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪندا رهيا، انهن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي. |
| فَما يُكَذِّبُكَ بَعدُ بِالدّينِ (آيت : 7) |
|
پوءِ (اي نبي) ان کان پوءِ ڪير آهي جيڪو جزا سزا بابت توکي ڪوڙو سمجھندو؟ |
| أَلَيسَ اللَّهُ بِأَحكَمِ الحٰكِمينَ (آيت : 8) |
|
ڇا الله سڀ حاڪمن کان وڏو حاڪم نه آهي. |