| وَالتّينِ وَالزَّيتونِ (آيت : 1) |
|
انجير ۽ زيتون (جي سر زمين) جو قسم! |
| وَطورِ سينينَ (آيت : 2) |
|
۽ طور سينا. (جبل ۽ واديءَ جو قسم)! |
| وَهٰذَا البَلَدِ الأَمينِ (آيت : 3) |
|
۽ هن امن واري شهر (مڪي) جو قسم آهي (جن مان حق جا آواز اٿيا آهن) |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى أَحسَنِ تَقويمٍ (آيت : 4) |
|
ته بيشڪ اسان انسان کي تمام سهڻي اندازي سان (۽ بهترين صلاحيتن سان) پيدا ڪيو آهي. |
| ثُمَّ رَدَدنٰهُ أَسفَلَ سٰفِلينَ (آيت : 5) |
|
پوءِ (جيڪو انسان نافرماني ۽ ذاتي مفاد پرستين جي واٽ وٺي ٿو ته) ان کي اسان سڀ کان هيٺاهون ڦٽي ڪري ڇڏيو آهي. |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 6) |
|
پر جن (خدائي قانونن جي سچاين تي) ايمان آندو ۽ (ان مطابق) چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ اڻ کٽ موقعا ۽ اجر آهن. |
| فَما يُكَذِّبُكَ بَعدُ بِالدّينِ (آيت : 7) |
|
پوءِ اي انسان! هن (ابدي حقيقت ۽ تاريخي شهادت) کان بعد ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا توکان جزا سزا ملڻ جو انڪار ڪرائي ٿي. |
| أَلَيسَ اللَّهُ بِأَحكَمِ الحٰكِمينَ (آيت : 8) |
|
ڇا الله سڀني حاڪمن کان زبردست (اختيار ۽ اقتدار وارو) حاڪم نه آهي. (جو تون ان جي حڪمن تي هلي ٻنهي جهانن جي ڪامرانيءَ واري زندگي ماڻين ۽ ٻنهي جهانن ۾ پستين کان بچين). |