| وَالتّينِ وَالزَّيتونِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي انجير جو، قسم آهي زيتون جو |
| وَطورِ سينينَ (آيت : 2) |
|
قسم آهي طور سينا (جبل) جو |
| وَهٰذَا البَلَدِ الأَمينِ (آيت : 3) |
|
قسم آهي بلدالامين (مڪه مڪرمه) جو |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى أَحسَنِ تَقويمٍ (آيت : 4) |
|
بيشڪ تحقيق اسان انسان کي تمام سهڻي صورت ۾ پيدا ڪيو |
| ثُمَّ رَدَدنٰهُ أَسفَلَ سٰفِلينَ (آيت : 5) |
|
ان کان پوءِ اسان ان کي هيٺ کان وڌيڪ هيٺ ڪيو |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 6) |
|
مگر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا پوءِ انهن لاءِ اجر آهي جيڪو ختم ٿيندڙ ناهي |
| فَما يُكَذِّبُكَ بَعدُ بِالدّينِ (آيت : 7) |
|
پوءِ (اي انسان) توکي ڪهڙي شيءِ دين کان تڪذيب ڪرائي ٿي |
| أَلَيسَ اللَّهُ بِأَحكَمِ الحٰكِمينَ (آيت : 8) |
|
ڇا الله تعالى احڪم الحاڪمين ناهي؟ (ها. آئون ان تي گواه آهيان ته اهو احڪم الحاڪمين آهي) |