| وَالتّينِ وَالزَّيتونِ (آيت : 1) |
|
انجير ۽ زيتون جو قسم آھي. |
| وَطورِ سينينَ (آيت : 2) |
|
۽ طُور سينا جو. |
| وَهٰذَا البَلَدِ الأَمينِ (آيت : 3) |
|
۽ ھِن اَمن واري شھر (مڪي) جو. |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى أَحسَنِ تَقويمٍ (آيت : 4) |
|
ته بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي نموني پيدا ڪيوسون. |
| ثُمَّ رَدَدنٰهُ أَسفَلَ سٰفِلينَ (آيت : 5) |
|
وري سڀني ھيٺاھين کان ھيٺ موٽايوسونس. |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 6) |
|
پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اجر آھي. |
| فَما يُكَذِّبُكَ بَعدُ بِالدّينِ (آيت : 7) |
|
پوءِ (اي ماڻھو) ھن (نصيحت) پڄاڻا ڪھڙي شيءِ توکي عملن جي بدلي ملڻ بابت منڪر بڻائي ٿي؟ |
| أَلَيسَ اللَّهُ بِأَحكَمِ الحٰكِمينَ (آيت : 8) |
|
حاڪمن جو وڏو حاڪم الله نه آھي ڇا؟ |