| وَالتّينِ وَالزَّيتونِ (آيت : 1) |
|
شاهد آهن: انجير ۽ زيتون، |
| وَطورِ سينينَ (آيت : 2) |
|
طور سينا |
| وَهٰذَا البَلَدِ الأَمينِ (آيت : 3) |
|
۽ هي امن وارو شهر، |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى أَحسَنِ تَقويمٍ (آيت : 4) |
|
ته بيشڪ اسان انسان کي تمام سهڻي بناوت ۾ پيداڪيو. |
| ثُمَّ رَدَدنٰهُ أَسفَلَ سٰفِلينَ (آيت : 5) |
|
پوءِ (سندن بُرن ڪمن سبب) کيس نهايت خراب حالت ۾ ڪيوسون. |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 6) |
|
مگر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ بي شمار اجر آهي. |
| فَما يُكَذِّبُكَ بَعدُ بِالدّينِ (آيت : 7) |
|
پوءِ تون انهي هوندي به ڇا جي ڪري ٿو قيامت کي ڪوڙو سمجهين؟ |
| أَلَيسَ اللَّهُ بِأَحكَمِ الحٰكِمينَ (آيت : 8) |
|
ڇا، الله حاڪمن جو حاڪم ناهي؟ |