| وَالتّينِ وَالزَّيتونِ (آيت : 1) |
|
انجير جو ۽ زيتون جو قسم آهي . |
| وَطورِ سينينَ (آيت : 2) |
|
برڪتن واري طور جو . |
| وَهٰذَا البَلَدِ الأَمينِ (آيت : 3) |
|
۽ هن امين شهر جو . |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى أَحسَنِ تَقويمٍ (آيت : 4) |
|
البته تحقيق پيدا ڪيوسون انسان کي نهايت سهڻي صورت ۾ . |
| ثُمَّ رَدَدنٰهُ أَسفَلَ سٰفِلينَ (آيت : 5) |
|
ان کان پوءِ موٽايوسون ان کي هيٺان کان هيٺ حالت ۾ . |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 6) |
|
مگر جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون پوءِ انهن جي لاءِ اڻ کٽ اجر آهي . |
| فَما يُكَذِّبُكَ بَعدُ بِالدّينِ (آيت : 7) |
|
پوءِ ڪير توکي ڪوڙو چوي ٿو ان کان پوءِ جزا ۽ سزا جي باري ۾ . |
| أَلَيسَ اللَّهُ بِأَحكَمِ الحٰكِمينَ (آيت : 8) |
|
ڇا الله حاڪمن جو حاڪم ناهي؟ . |