| وَالتّينِ وَالزَّيتونِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي انجير ۽ زيتون جو. |
| وَطورِ سينينَ (آيت : 2) |
|
قسم آهي طور سيناء (جبل) جو. |
| وَهٰذَا البَلَدِ الأَمينِ (آيت : 3) |
|
۽ قسم آهي هن امن واري شھر (مڪي پاڪ) جو. |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى أَحسَنِ تَقويمٍ (آيت : 4) |
|
ته بيشڪ اسان انسان کي بھترين انداز ۾ پيدا ڪيو آهي. |
| ثُمَّ رَدَدنٰهُ أَسفَلَ سٰفِلينَ (آيت : 5) |
|
پوءِ (نافرمانين سبب) اسان کيس هيٺين کان به هيٺ ڪري ڇڏيو. |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 6) |
|
پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن جي لاءِ اَڻ کُٽ اجرآهي. |
| فَما يُكَذِّبُكَ بَعدُ بِالدّينِ (آيت : 7) |
|
(اي نبيﷺ!آخر) هن ڳالهه کان پوءِ ڪير توکي قيامت جي باري ۾ ڪوڙو ڪري سگهي ٿو؟ |
| أَلَيسَ اللَّهُ بِأَحكَمِ الحٰكِمينَ (آيت : 8) |
|
ڇا الله تعالى سڀني حاڪمن کان وڏو حاڪم نه آهي؟ (ڇو نه ، مان ان ڳالهه جي گواهي ڏيڻ وارن مان آهيان). |