| أَلَم نَشرَح لَكَ صَدرَكَ (آيت : 1) |
|
(اي نبي) ڇا اسان تو لاءِ تنهنجو سينو ڪشادو نه ڪري ڇڏيو؟ |
| وَوَضَعنا عَنكَ وِزرَكَ (آيت : 2) |
|
۽ تو تان اهو ڳرو بار لاهي ڇڏيو |
| الَّذى أَنقَضَ ظَهرَكَ (آيت : 3) |
|
جنهن تنهنجي چيلهه پئي ڀڳي |
| وَرَفَعنا لَكَ ذِكرَكَ (آيت : 4) |
|
۽ تنهنجي خاطر تنهنجي نيڪ نامي بلند ڪري ڇڏي |
| فَإِنَّ مَعَ العُسرِ يُسرًا (آيت : 5) |
|
پوءِ حقيقت اها آهي ته ڏک سان گڏ سک به آهي |
| إِنَّ مَعَ العُسرِ يُسرًا (آيت : 6) |
|
بيشڪ ڏک سان گڏ سک به آهي |
| فَإِذا فَرَغتَ فَانصَب (آيت : 7) |
|
پوءِ جڏهن تون واندو ٿئين ته وري (عبادت جي) محنت ڪر |
| وَإِلىٰ رَبِّكَ فَارغَب (آيت : 8) |
|
۽ پنهنجي رب سان دل لڳاءِ |