أَلَم نَشرَح لَكَ صَدرَكَ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر!) ڇا اسان تو لاءِ تنهنجو سينو ڪشادو نه ڪيو |
وَوَضَعنا عَنكَ وِزرَكَ (آيت : 2) |
۽ اسان توتان اهو بار لاٿو |
الَّذى أَنقَضَ ظَهرَكَ (آيت : 3) |
جنهن تنهنجي پٺ کي ڳرو ڪيو |
وَرَفَعنا لَكَ ذِكرَكَ (آيت : 4) |
۽ اسان تو لاءِ تنهنجي تعريف بلند ڪئي |
فَإِنَّ مَعَ العُسرِ يُسرًا (آيت : 5) |
پوءِ بيشڪ ڏک سان گڏ سک آهي |
إِنَّ مَعَ العُسرِ يُسرًا (آيت : 6) |
بيشڪ ڏک سان گڏ سک ئي آهي |
فَإِذا فَرَغتَ فَانصَب (آيت : 7) |
پوءِ جڏهن تون واندو ٿين ته محنت ڪر |
وَإِلىٰ رَبِّكَ فَارغَب (آيت : 8) |
۽ پنهنجي پاليندڙ سان دل لڳاءِ |