| أَلَم نَشرَح لَكَ صَدرَكَ (آيت : 1) |
|
ڇا اسان تو لاءِ تنهنجو سينو (اسرار ۽ انوار لاءِ) ڪشادو نه ڪيوسين؟ |
| وَوَضَعنا عَنكَ وِزرَكَ (آيت : 2) |
|
۽ اسان تو تان تنهنجو بار لاهي ڇڏيو. |
| الَّذى أَنقَضَ ظَهرَكَ (آيت : 3) |
|
جنهن تنهنجي پٺي کي ڳرو ڪيو هيو. |
| وَرَفَعنا لَكَ ذِكرَكَ (آيت : 4) |
|
۽ اسان تنهنجي خاطر تنهنجو ذڪر بلند ڪيو. |
| فَإِنَّ مَعَ العُسرِ يُسرًا (آيت : 5) |
|
پوءِ بيشڪ تنگي سان گڏ آساني آهي. |
| إِنَّ مَعَ العُسرِ يُسرًا (آيت : 6) |
|
بيشڪ تنگي سان گڏ آساني آهي. |
| فَإِذا فَرَغتَ فَانصَب (آيت : 7) |
|
پوءِ جڏهن تون (نماز کان) واندو ٿين ته (دعا ۾) محنت ڪر. |
| وَإِلىٰ رَبِّكَ فَارغَب (آيت : 8) |
|
۽ پنهنجي پالڻهار جي طرف ئي دل لڳاءِ. |