| أَلَم نَشرَح لَكَ صَدرَكَ (آيت : 1) |
|
(اي پيغمبر!) ڇا اسان تو لاءِ (پنهنجي وحي ذريعي زندگيءَ جون سڀ راهون روشن ڪري) تنهنجو سينو ڪشادو نه ڪيو. |
| وَوَضَعنا عَنكَ وِزرَكَ (آيت : 2) |
|
۽ اسان توتان (ابتدائي مرحلن ۾ آيل سختيءَ جو) اهو بار لاٿو، (۽ تنهنجي ساٿين جي هڪ جماعت تيار ٿي.) |
| الَّذى أَنقَضَ ظَهرَكَ (آيت : 3) |
|
جنهن (بار) تنهنجي پٺ کي ڳرو ڪيو هو. |
| وَرَفَعنا لَكَ ذِكرَكَ (آيت : 4) |
|
۽ اسان تو لاءِ (پنهنجي موڪليل پروگرام جي عظمت سان) تنهنجي تعريف بلند ڪئي. |
| فَإِنَّ مَعَ العُسرِ يُسرًا (آيت : 5) |
|
پوءِ (انهن عارضي تڪيلفن کان بد دل نه ٿيءُ) بيشڪ ڏک سان گڏ سک آهي. |
| إِنَّ مَعَ العُسرِ يُسرًا (آيت : 6) |
|
بيشڪ ڏک سان گڏ سک ئي آهي. |
| فَإِذا فَرَغتَ فَانصَب (آيت : 7) |
|
پوءِ جڏهن (به) تون (هدايت جي پروگرام مان) واندو تئين ته (پالڻهار جي عبادت لاءِ) محنت ڪر. |
| وَإِلىٰ رَبِّكَ فَارغَب (آيت : 8) |
|
۽ پنهنجي پالڻهار (جي ذڪر ۽ فڪر سان) دل لڳاءِ. |