| أَلَم نَشرَح لَكَ صَدرَكَ (آيت : 1) |
|
رسولِ عربي ڇا اسان توهان جي سيني کي (وسيع علم ۽ حڪمت لاءِ) ڪشادو نه ڪيو؟ |
| وَوَضَعنا عَنكَ وِزرَكَ (آيت : 2) |
|
ڇا اسان توهان تان توهان جي ان بار کي (امت جي بخشش جو انتظار) نه لاٿو |
| الَّذى أَنقَضَ ظَهرَكَ (آيت : 3) |
|
جيڪو توهان تي ڳرو هو |
| وَرَفَعنا لَكَ ذِكرَكَ (آيت : 4) |
|
۽ ڇا اسان خاص توهان لاءِ توهان جي ذڪر کي بلند نه ڪيو |
| فَإِنَّ مَعَ العُسرِ يُسرًا (آيت : 5) |
|
(يقيناً اسان ايئن ڪرڻ فرمايو) پوءِ بيشڪ ڏکن سان گڏ سک آهن |
| إِنَّ مَعَ العُسرِ يُسرًا (آيت : 6) |
|
بيشڪ ڏکن سان گڏ سک آهن |
| فَإِذا فَرَغتَ فَانصَب (آيت : 7) |
|
پوءِ توهان جڏهن (نماز کان) فارغ ٿيو پوءِ توهان (دعا لاءِ) ڪوشش ڪريو |
| وَإِلىٰ رَبِّكَ فَارغَب (آيت : 8) |
|
۽ پنهنجي رب ڏانهن (دعا گھرڻ ۾) توهان رغبت ڪريو |