| أَلَم نَشرَح لَكَ صَدرَكَ (آيت : 1) |
|
(اي نبيﷺ!) ڇا اسان تنھنجي سيني کي تنھنجي لاءِ ڪشادو نه ڪيو؟ |
| وَوَضَعنا عَنكَ وِزرَكَ (آيت : 2) |
|
۽ اسان توکان اهو بار لاٿو. |
| الَّذى أَنقَضَ ظَهرَكَ (آيت : 3) |
|
جنھن تنھنجي چيلهه ڀڃي ڇڏي هئي. |
| وَرَفَعنا لَكَ ذِكرَكَ (آيت : 4) |
|
۽ اسان تنھنجي لاءِ تنھنجي تعريف کي وڏي بلندي (يعني شھرت) عطا ڪري ڇڏي. |
| فَإِنَّ مَعَ العُسرِ يُسرًا (آيت : 5) |
|
سو بيشڪ ڏکن کان پوءِ سُک آهن. |
| إِنَّ مَعَ العُسرِ يُسرًا (آيت : 6) |
|
بيشڪ ڏکن کان پوءِ سُک آهن. |
| فَإِذا فَرَغتَ فَانصَب (آيت : 7) |
|
سو جڏهن تون (دنيا جي مصروفيتن کان) فارغ هُجين ته عبادت ۾ لڳي وڃ. |
| وَإِلىٰ رَبِّكَ فَارغَب (آيت : 8) |
|
۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن متوجهه ٿي وڃ. |