| أَلَم نَشرَح لَكَ صَدرَكَ (آيت : 1) |
|
(اي نبي!) ڇا نه کولي ڪشادو ڪيو اسان تنهنجي لاءِ سينو تنهنجو؟ |
| وَوَضَعنا عَنكَ وِزرَكَ (آيت : 2) |
|
۽ لاٿوسين توتان اهو ڳرو بار تنهنجو |
| الَّذى أَنقَضَ ظَهرَكَ (آيت : 3) |
|
جنهن ڀڳي ٿي پٺي تنهنجي |
| وَرَفَعنا لَكَ ذِكرَكَ (آيت : 4) |
|
۽ مٿانهون (بلند) ڪيوسين تو لاءِ ذڪر تنهنجو |
| فَإِنَّ مَعَ العُسرِ يُسرًا (آيت : 5) |
|
حقيقت ۾ تنگي (ڏک سان) گڏ فراخي (سُک) به آهي |
| إِنَّ مَعَ العُسرِ يُسرًا (آيت : 6) |
|
بيشڪ ڏک سان گڏ سک به آهي |
| فَإِذا فَرَغتَ فَانصَب (آيت : 7) |
|
پوءِ جڏهن واندو ٿئين ته عبادت لاءِ محنت ۾ لڳي وڃ |
| وَإِلىٰ رَبِّكَ فَارغَب (آيت : 8) |
|
۽ پنهنجي رب ڏي ئي ڌيان رک |