القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الضُّحٰی مَکِّیَّۃٌ آيتون : 11


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالضُّحىٰ (آيت : 1)

قسم آهي چــِـٽي ڏينهن جو

وَالَّيلِ إِذا سَجىٰ (آيت : 2)

۽ قسم آهي رات جو جڏهن اها ماٺ سان ڇانئجي وڃي ٿي

ما وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَما قَلىٰ (آيت : 3)

(اي نبي) تنهنجي رب توکي ڪڏهن به نه ڇڏيو آهي ۽ نه وري هو توکان ناراض ٿيو آهي

وَلَلءاخِرَةُ خَيرٌ لَكَ مِنَ الأولىٰ (آيت : 4)

۽ بيشڪ تو لاءِ پوءِ وارو دور پهرئين دور کان ڀلو آهي

وَلَسَوفَ يُعطيكَ رَبُّكَ فَتَرضىٰ (آيت : 5)

۽ ستت ئي تنهنجو رب توکي ايترو ڏيندو جو تون خوش ٿي ويندين

أَلَم يَجِدكَ يَتيمًا فَـٔاوىٰ (آيت : 6)

ڇا هن توکي يتيم نه ڏٺو، پوءِ توکي ٿانيڪو ڪيائين؟

وَوَجَدَكَ ضالًّا فَهَدىٰ (آيت : 7)

۽ توکي واٽ کان اڻ سونهون ڏٺائين، پوءِ توکي دڳ لاتائين

وَوَجَدَكَ عائِلًا فَأَغنىٰ (آيت : 8)

۽ توکي مسڪين ڏٺائين، پوءِ توکي هوند وارو ڪيائين

فَأَمَّا اليَتيمَ فَلا تَقهَر (آيت : 9)

پوءِ تون يتيم تي سختي نه ڪر

وَأَمَّا السّائِلَ فَلا تَنهَر (آيت : 10)

۽ نڪي سوال ڪندڙ کي جهڻڪ

وَأَمّا بِنِعمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّث (آيت : 11)

۽ پنهنجي رب جي نعمت بيان ڪندو ڪر


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025