وَالضُّحىٰ (آيت : 1) |
(اي رسول) پهر ڏينهن ڇڙهڻ جو قسم، |
وَالَّيلِ إِذا سَجىٰ (آيت : 2) |
۽ رات جو جڏهن (شين کي) ڍڪي ٿي. |
ما وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَما قَلىٰ (آيت : 3) |
ته تنهنجي پروردگار نه تو کي ڇڏيو آهي ۽ نه بيزار ٿيو آهي. |
وَلَلءاخِرَةُ خَيرٌ لَكَ مِنَ الأولىٰ (آيت : 4) |
۽ تنهنجي لاءِ آخرت دنيا کان پڪ گهڻي چڱي آهي. |
وَلَسَوفَ يُعطيكَ رَبُّكَ فَتَرضىٰ (آيت : 5) |
۽ تنهنجو پالڻهار تو کي ايترو (ته) عطا ڪندو جو تون خوش ٿيندين. |
أَلَم يَجِدكَ يَتيمًا فَـٔاوىٰ (آيت : 6) |
ڇا ان کي يتيم ڏسي (ابو طالب جي) پناھ نه ڏني؟ (بيشڪ ڏني). |
وَوَجَدَكَ ضالًّا فَهَدىٰ (آيت : 7) |
۽ تو کي (پنهنجي قوم ۾) غير معروف ڏٺو ته (تنهنجي سڃاڻڻ لاءِ سڀ جي) رهبري ڪئي وئي. |
وَوَجَدَكَ عائِلًا فَأَغنىٰ (آيت : 8) |
۽ تو کي تنگدست ڏسي (خديجه جي مال سان) بي پرواھ ڪيائين. |
فَأَمَّا اليَتيمَ فَلا تَقهَر (آيت : 9) |
ته تون به يتيم تي متان سختي ڪرين. |
وَأَمَّا السّائِلَ فَلا تَنهَر (آيت : 10) |
۽ سوال ڪرڻ واري کي متان جهڻڪين. |
وَأَمّا بِنِعمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّث (آيت : 11) |
۽ پنهنجي پالڻهار جي نعمت پيو بيان ڪر! |