| وَالضُّحىٰ (آيت : 1) |
|
ساک اُنهِئ صُبح جِي، |
| وَالَّيلِ إِذا سَجىٰ (آيت : 2) |
|
پڻ جڏهن جِھمِي شام، |
| ما وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَما قَلىٰ (آيت : 3) |
|
ته توکي ڇَڏيو نه تو ڌڻِي، ۽ نَه وِڏ وڙو وَريام |
| وَلَلءاخِرَةُ خَيرٌ لَكَ مِنَ الأولىٰ (آيت : 4) |
|
۽ هِن کان، هُو جَھان ڀَلو، تو لئي آهي تَمام، |
| وَلَسَوفَ يُعطيكَ رَبُّكَ فَتَرضىٰ (آيت : 5) |
|
۽ سِگھو سائـِين تُنهنجو، ڪَندو اوتون توتي عام، پوءِ ماڻي مَقصد مَام، سَرهو ٿِيندِين سپرِين! |
| أَلَم يَجِدكَ يَتيمًا فَـٔاوىٰ (آيت : 6) |
|
ڇا، تو نه لڌائـِين ڇورڙو، پوءِ بَخشِئـِين راڄ ڀاڳ؟ |
| وَوَجَدَكَ ضالًّا فَهَدىٰ (آيت : 7) |
|
۽ مُوڙهل لڌائـِين مُورهِين، پوءِ موڙي آندئـِين ماڳ؟ |
| وَوَجَدَكَ عائِلًا فَأَغنىٰ (آيت : 8) |
|
۽ لَکِين ڏِنائـِين لاڳ، جَڏهن ڏِٺِئين توکي ڏُٻـَرو. |
| فَأَمَّا اليَتيمَ فَلا تَقهَر (آيت : 9) |
|
تڏهن تون نه يَتِيم تي، ذَرو زور هَلاءِ، |
| وَأَمَّا السّائِلَ فَلا تَنهَر (آيت : 10) |
|
تڏهن تون نه تَڙِي ڏي، ڪِنهن آسائو کي، آءِ، |
| وَأَمّا بِنِعمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّث (آيت : 11) |
|
پوءِ ڳايون پِيو ڳُڻ ڳاءِ، پَنهنجي پَروَر پاڪ جا. |