| وَالضُّحىٰ (آيت : 1) |
|
(اي پيغمبر) سج چڙهڻ جي وقت جو قسم آهي |
| وَالَّيلِ إِذا سَجىٰ (آيت : 2) |
|
۽ رات جو جنهن وقت (سڀني شين کي) ڍڪي ٿي |
| ما وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَما قَلىٰ (آيت : 3) |
|
ته تنهنجي پاليندڙ توکي نه ڇڏيو آهي ۽ نه بيزار ٿيو آهي |
| وَلَلءاخِرَةُ خَيرٌ لَكَ مِنَ الأولىٰ (آيت : 4) |
|
۽ بيشڪ پوئين حالت تو لاءِ پهرئين حالت کان گهڻي چڱي آهي |
| وَلَسَوفَ يُعطيكَ رَبُّكَ فَتَرضىٰ (آيت : 5) |
|
۽ توکي ضرور تنهنجو پاليندڙ (فتحيابي) ڏيندو پوءِ تون خوش ٿيندين. |
| أَلَم يَجِدكَ يَتيمًا فَـٔاوىٰ (آيت : 6) |
|
ڇا توکي يتيم نه ڄاڻي پوءِ جاءِ ڏنائين |
| وَوَجَدَكَ ضالًّا فَهَدىٰ (آيت : 7) |
|
۽ توکي رستي کان بي خبر ڏسي پوءِ رستو ڏيکاريائين |
| وَوَجَدَكَ عائِلًا فَأَغنىٰ (آيت : 8) |
|
۽ توکي مسڪين ڏسي پوءِ توکي بي پرواه ڪيائين |
| فَأَمَّا اليَتيمَ فَلا تَقهَر (آيت : 9) |
|
پوءِ يتيم تي متان سختي ڪرين |
| وَأَمَّا السّائِلَ فَلا تَنهَر (آيت : 10) |
|
۽ سواليءَ کي متان جهڻڪين |
| وَأَمّا بِنِعمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّث (آيت : 11) |
|
۽ پنهنجي پاليندڙ جي نعمت پيو بيان ڪر |