| وَالضُّحىٰ (آيت : 1) |
|
قسم آهي ڪچڙي منجهند جو. |
| وَالَّيلِ إِذا سَجىٰ (آيت : 2) |
|
۽ قسم آهي رات جو جڏهن ڇانئجي وڃي. |
| ما وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَما قَلىٰ (آيت : 3) |
|
ته نه تنهنجي پالڻهار تو کي ڇڏيو آهي ۽ نه تو کان رُٺو آهي. |
| وَلَلءاخِرَةُ خَيرٌ لَكَ مِنَ الأولىٰ (آيت : 4) |
|
۽ بلاشڪ پوئين (گهڙي) تنهنجي لاءِ پهرئين کان ڀلي آهي. |
| وَلَسَوفَ يُعطيكَ رَبُّكَ فَتَرضىٰ (آيت : 5) |
|
۽ جلد تنهنجو پالڻهار تو کي (ايترو) ڏيندو جو تون راضي ٿي ويندين. |
| أَلَم يَجِدكَ يَتيمًا فَـٔاوىٰ (آيت : 6) |
|
ڇا تو کي يتيم نه لڌائين پوءِ تو کي جاءِ ڏنائين. |
| وَوَجَدَكَ ضالًّا فَهَدىٰ (آيت : 7) |
|
۽ تو کي پنهنجي محبت ۾ بي اختيار لڌائين پوءِ (پنهنجي طرف) واٽ ڏنائين. |
| وَوَجَدَكَ عائِلًا فَأَغنىٰ (آيت : 8) |
|
۽ تو کي ضرورتمند ڏٺائين پوءِ غني ڪري ڇڏيائين. |
| فَأَمَّا اليَتيمَ فَلا تَقهَر (آيت : 9) |
|
پوءِ تون ڪنهن يتيم تي سختي نه ڪر. |
| وَأَمَّا السّائِلَ فَلا تَنهَر (آيت : 10) |
|
۽ سواليءَ کي نه جهڻڪ. |
| وَأَمّا بِنِعمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّث (آيت : 11) |
|
۽ پنهنجي پالڻهار جي نعمتن کي بيان ڪندو رهه. |