وَالضُّحىٰ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر! تنهنجو انقلاب ضرور ڪاميابيون ماڻيندو، ان لاءِ فڪرمند نه ٿيءُ، رات کان پوءِ ڏينهن لازم ايندو پوءِ) سج چڙهڻ جي وقت جو قسم آهي، |
وَالَّيلِ إِذا سَجىٰ (آيت : 2) |
۽ رات جو جنهن وقت (سڀني شين کي) ڍڪي ٿي. |
ما وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَما قَلىٰ (آيت : 3) |
ته تنهنجي پاليندڙ توکي نه ڇڏيو آهي ۽ نه بيزار ٿيو آهي. (پوءِ ڪڏهن وحي جي تاخير ٿيڻ مان ڪافرن جو اهڙو نتيجو ڪڍڻ غلط آهي.) |
وَلَلءاخِرَةُ خَيرٌ لَكَ مِنَ الأولىٰ (آيت : 4) |
۽ بيشڪ پوئين (خبر ۽ ڪامرانين واري) حالت تو لاءِ پهرين (تڪليفن واري) حالت کان گهڻي چڱي آهي. |
وَلَسَوفَ يُعطيكَ رَبُّكَ فَتَرضىٰ (آيت : 5) |
۽ توکي ضرور تنهنجو پاليندڙ (فتحيابي) ڏيندو، پوءِ تون (ان ڪاميابيءَ تي) مسرور ٿيندين. |
أَلَم يَجِدكَ يَتيمًا فَـٔاوىٰ (آيت : 6) |
(تون پنهنجي زندگيءَ کي ڏس ته) ڇا توکي (تنهنجي پالڻهار) يتيم نه پاتو، پوءِ (توکي حفاظت ۽ سنڀال لاءِ) جاءِ ڏنائين. |
وَوَجَدَكَ ضالًّا فَهَدىٰ (آيت : 7) |
۽ توکي (حقيقت جي) رستي جو ڳولائو ڏسي پوءِ (وحي جي ذريعي سڌو) رستو ڏيکاريائين. |
وَوَجَدَكَ عائِلًا فَأَغنىٰ (آيت : 8) |
۽ توکي ضرورتمند ڏسي پوءِ ايترو ڏنائين جو تون ڪنهن مدد جو محتاج نه رهين. |
فَأَمَّا اليَتيمَ فَلا تَقهَر (آيت : 9) |
(پوءِ جيئن تنهنجي يتيم ذات جي سنڀال ٿي تيئن تنهنجو نظام به يتيم جي سنڀال ڪري) پوءِ يتيم تي متان ڏکيائيون ڪرين. |
وَأَمَّا السّائِلَ فَلا تَنهَر (آيت : 10) |
۽ (تنهنجو ساڳيو نظام ضرورتمندن جي ڪفيل هجي) پوءِ سوالي کي متان جهڻڪين. |
وَأَمّا بِنِعمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّث (آيت : 11) |
۽ پنهنجي پاليندڙ جي نعمتن کي پيو بيان ڪر (انهن نعمتن کي خدائي عطيو سمجهي ٻين تي به اهي نعمتون ڪم آڻيندو رهه). |