| وَالضُّحىٰ (آيت : 1) |
|
قسم آهي ڏينهن جي پهرئين حِصي جو |
| وَالَّيلِ إِذا سَجىٰ (آيت : 2) |
|
قسم آهي رات جو جڏهن اها خاموش ٿي |
| ما وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَما قَلىٰ (آيت : 3) |
|
رسولِ عربي توهان کي توهان جي رب نه ڇڏيو آهي ۽ نه ناراض آهي |
| وَلَلءاخِرَةُ خَيرٌ لَكَ مِنَ الأولىٰ (آيت : 4) |
|
۽ يقيناً آخرت توهان لاءِ دنيا کان بهتر آهي |
| وَلَسَوفَ يُعطيكَ رَبُّكَ فَتَرضىٰ (آيت : 5) |
|
۽ بيشڪ جلد توهان کي توهان جو رب ايترو عطا ڪندو جو توهان راضي ٿيندا |
| أَلَم يَجِدكَ يَتيمًا فَـٔاوىٰ (آيت : 6) |
|
تو کي يتيم نہ ڏٺائين ڇا؟ پوءِ (تو کي) جاءِ ڏنائين |
| وَوَجَدَكَ ضالًّا فَهَدىٰ (آيت : 7) |
|
۽ تو کي ناواقف ڏٺائين، پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين |
| وَوَجَدَكَ عائِلًا فَأَغنىٰ (آيت : 8) |
|
۽ ڇا ان توهان کي ضرورتمند نه لڌو پوءِ توهان کي غني ڪيو |
| فَأَمَّا اليَتيمَ فَلا تَقهَر (آيت : 9) |
|
پوءِ توهان (امتي) يتيم تي ڪا به سختي نه ڪريو |
| وَأَمَّا السّائِلَ فَلا تَنهَر (آيت : 10) |
|
۽ توهان سوال ڪندڙ کي نه تڙيو |
| وَأَمّا بِنِعمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّث (آيت : 11) |
|
۽ توهان پنهنجي رب جي نعمتن جو اظهار ڪريو |