| وَالضُّحىٰ (آيت : 1) |
|
مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي. |
| وَالَّيلِ إِذا سَجىٰ (آيت : 2) |
|
۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي. |
| ما وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَما قَلىٰ (آيت : 3) |
|
ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو. |
| وَلَلءاخِرَةُ خَيرٌ لَكَ مِنَ الأولىٰ (آيت : 4) |
|
۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي. |
| وَلَسَوفَ يُعطيكَ رَبُّكَ فَتَرضىٰ (آيت : 5) |
|
۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين. |
| أَلَم يَجِدكَ يَتيمًا فَـٔاوىٰ (آيت : 6) |
|
توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين. |
| وَوَجَدَكَ ضالًّا فَهَدىٰ (آيت : 7) |
|
۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين. |
| وَوَجَدَكَ عائِلًا فَأَغنىٰ (آيت : 8) |
|
۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين. |
| فَأَمَّا اليَتيمَ فَلا تَقهَر (آيت : 9) |
|
تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر. |
| وَأَمَّا السّائِلَ فَلا تَنهَر (آيت : 10) |
|
۽ سُوالي کي نه جھڻڪ. |
| وَأَمّا بِنِعمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّث (آيت : 11) |
|
۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ. |