| وَالضُّحىٰ (آيت : 1) |
|
شاهد آهن: مٿي آيل ڏينهن. |
| وَالَّيلِ إِذا سَجىٰ (آيت : 2) |
|
۽ اونداهي ٿي ويل رات، |
| ما وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَما قَلىٰ (آيت : 3) |
|
ته تنهنجي رب نڪي توکي ڇڏي ڏنو آهي نڪي ناراض ٿيو آهي. |
| وَلَلءاخِرَةُ خَيرٌ لَكَ مِنَ الأولىٰ (آيت : 4) |
|
تنهنجي پڇاڙي تنهنجي اڳياڙي کان گهڻي سٺي آهي. |
| وَلَسَوفَ يُعطيكَ رَبُّكَ فَتَرضىٰ (آيت : 5) |
|
۽ تنهنجو رب توکي جلد ئي اهو ڏيندو، جو تون خوش ٿيندين. |
| أَلَم يَجِدكَ يَتيمًا فَـٔاوىٰ (آيت : 6) |
|
ڇا، هن توکي يتيم ڏسي جاءِ ڪانه ڏني؟ |
| وَوَجَدَكَ ضالًّا فَهَدىٰ (آيت : 7) |
|
۽ توکي اڻ واقف ڏسي واٽ ڏيکاريائين. |
| وَوَجَدَكَ عائِلًا فَأَغنىٰ (آيت : 8) |
|
توکي غريب ڏسي غني ڪري ڇڏيائين. |
| فَأَمَّا اليَتيمَ فَلا تَقهَر (آيت : 9) |
|
پوءِ تون به يتيم تي سختي نه ڪج. |
| وَأَمَّا السّائِلَ فَلا تَنهَر (آيت : 10) |
|
سواليءَ کي ڇڙٻ نه ڏج، |
| وَأَمّا بِنِعمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّث (آيت : 11) |
|
۽ پنهنجي رب جون نعمتون بيان ڪندو رهه. |