وَالضُّحىٰ (آيت : 1) |
قسم آهي ڏينھن جي (ڪچڙي منجهند واري) روشنيءَ جو. |
وَالَّيلِ إِذا سَجىٰ (آيت : 2) |
قسم آهي رات جو جڏهن هو ڇانئجي وڃي ٿي. |
ما وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَما قَلىٰ (آيت : 3) |
تنھنجي پالڻھار توکي نه ته اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ نه ئي (توکان ڪنھن ڳالهه تي) ناراض آهي. |
وَلَلءاخِرَةُ خَيرٌ لَكَ مِنَ الأولىٰ (آيت : 4) |
(دنيا جي) موجوده حالت کان (آخرت جي) اچڻ وارو وقت تنھنجي لاءِ بھتر آهي. |
وَلَسَوفَ يُعطيكَ رَبُّكَ فَتَرضىٰ (آيت : 5) |
عنقريب تنھنجو پالڻھار توکي ايترو ڏيندو جو تون خوش ٿي ويندين. |
أَلَم يَجِدكَ يَتيمًا فَـٔاوىٰ (آيت : 6) |
ڇا هن توکي يتيم (جي حالت ۾) نه ڏٺو جو توکي (مٿي تي شفقت جو هٿ رکڻ وارن وٽ) ٺڪاڻو ڏنو؟ |
وَوَجَدَكَ ضالًّا فَهَدىٰ (آيت : 7) |
هن توکي (جاهليت جي ماحول ۾) اڪيلو سوچيندي ڏٺو ته هُن توکي صحيح رستو ڏيکاريو. |
وَوَجَدَكَ عائِلًا فَأَغنىٰ (آيت : 8) |
۽ مالي لحاظ سان ڪمزور ڏٺو ته هُن خوشحال ڪري ڇڏيو. |
فَأَمَّا اليَتيمَ فَلا تَقهَر (آيت : 9) |
تنھن ڪري تون يتيم تي سختي نه ڪجانءِ. |
وَأَمَّا السّائِلَ فَلا تَنهَر (آيت : 10) |
ڪنھن گهرڻ واري کي ڇڙٻ به نه ڏجانءِ. |
وَأَمّا بِنِعمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّث (آيت : 11) |
۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمتن کي (الله تعالى جي آڏو شڪر طور، عام ماڻهن ۾) بيان ڪندو رهجانءِ. |