وَالضُّحىٰ (آيت : 1) |
قسم روشن ڏينهن جو |
وَالَّيلِ إِذا سَجىٰ (آيت : 2) |
۽ رات جو، جڏهن اها سڪون سان طاري ٿئي ٿي |
ما وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَما قَلىٰ (آيت : 3) |
(اي نبي!) نه ڇڏيو توکي تنهنجي رب ۽ نه ناراض ٿيو |
وَلَلءاخِرَةُ خَيرٌ لَكَ مِنَ الأولىٰ (آيت : 4) |
۽ بيشڪ پويون دور گهڻو سٺو آهي تنهنجي لاءِ پهرين دور کان |
وَلَسَوفَ يُعطيكَ رَبُّكَ فَتَرضىٰ (آيت : 5) |
۽ جلد ايترو عطا ڪندو توکي تنهنجو رب جو تون خوش ٿي ويندين |
أَلَم يَجِدكَ يَتيمًا فَـٔاوىٰ (آيت : 6) |
ڇا ان توکي نه ڏٺو يتيم پوءِ جڳهه ڏنائين |
وَوَجَدَكَ ضالًّا فَهَدىٰ (آيت : 7) |
۽ ڏٺائين توکي ناواقف رستي جو ته هدايت بخشيائين |
وَوَجَدَكَ عائِلًا فَأَغنىٰ (آيت : 8) |
۽ ڏٺائين توکي مسڪين ته آسودو ڪيائين |
فَأَمَّا اليَتيمَ فَلا تَقهَر (آيت : 9) |
پوءِ تون ڪڏهن به يتيم تي ڪا سختي نه ڪر |
وَأَمَّا السّائِلَ فَلا تَنهَر (آيت : 10) |
۽ نه ڪنهن سائل کي ڪڏهن به جهڻڪ |
وَأَمّا بِنِعمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّث (آيت : 11) |
۽ جيڪا مهرباني آهي تنهنجي رب جي، ان (نعمت) جو اظهار ڪر |