وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰ (آيت : 1) |
قسم آهي رات جو، جڏهن اها ڇانئجي وڃي |
وَالنَّهارِ إِذا تَجَلّىٰ (آيت : 2) |
۽ ڏينهن جو، جڏهن اهو روشن ٿئي |
وَما خَلَقَ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 3) |
۽ انهيءَ هستيءَ جو، جنهن نر ۽ ماديءَ کي پيدا ڪيو |
إِنَّ سَعيَكُم لَشَتّىٰ (آيت : 4) |
حقيقت ۾ توهانجون ڪوششون جدا جدا ڍنگ جون آهن |
فَأَمّا مَن أَعطىٰ وَاتَّقىٰ (آيت : 5) |
ته پوءِ جنهن (الله جي راهه ۾) مال ڏنو ۽ (الله جي نافرمانيءَ کان) پاڻ بچايائين |
وَصَدَّقَ بِالحُسنىٰ (آيت : 6) |
۽ ڀلائيءَ کي سچ ڪري مڃيائين |
فَسَنُيَسِّرُهُ لِليُسرىٰ (آيت : 7) |
ته ان کي اسان سهنجائي (ڏانهن ويندڙ واٽ) سؤلي ڪري ڏينداسون |
وَأَمّا مَن بَخِلَ وَاستَغنىٰ (آيت : 8) |
۽ جنهن ڪنجوسي ڪئي ۽ (پنهنجي رب کان) لاپرواهي ڏيکاري |
وَكَذَّبَ بِالحُسنىٰ (آيت : 9) |
۽ ڀلائيءَ کي ڪوڙو سڏيائين |
فَسَنُيَسِّرُهُ لِلعُسرىٰ (آيت : 10) |
تنهن کي اسان اهنجائي (ڏانهن ويندڙ واٽ) آسان ڪري ڏينداسون |
وَما يُغنى عَنهُ مالُهُ إِذا تَرَدّىٰ (آيت : 11) |
۽ سندس مال نيٺ ڪهڙي ڪم ايندس، جڏهن هو پاڻ ئي ناس ٿي وڃي؟ |
إِنَّ عَلَينا لَلهُدىٰ (آيت : 12) |
بيشڪ رستو ڏَسڻ اسان تي آهي |
وَإِنَّ لَنا لَلءاخِرَةَ وَالأولىٰ (آيت : 13) |
۽ اها به حقيقت آهي ته آخرت توڙي دنيا ٻنهي جا مالڪ اسان ئي آهيون |
فَأَنذَرتُكُم نارًا تَلَظّىٰ (آيت : 14) |
پوءِ مان توهان کي ڀڙڪندڙ باهه کان خبردار ڪري ڇڏيو آهي |
لا يَصلىٰها إِلَّا الأَشقَى (آيت : 15) |
جنهن ۾ سواءِ نهايت بدبخت شخص جي ٻيو ڪوبه نه سڙندو |
الَّذى كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 16) |
جنهن ڪوڙو سڏيو ۽ منهن موڙيو |
وَسَيُجَنَّبُهَا الأَتقَى (آيت : 17) |
۽ انهيءَ کان پري رکيو ويندو اهو نهايت پرهيزگار ماڻهو |
الَّذى يُؤتى مالَهُ يَتَزَكّىٰ (آيت : 18) |
جيڪو پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجو مال ڏئي ٿو |
وَما لِأَحَدٍ عِندَهُ مِن نِعمَةٍ تُجزىٰ (آيت : 19) |
ان تي ڪنهن جو به ڪو ٿورو ڪونهي، جو ان جو ڪو بدلو ڏيڻو هجيس |
إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِ الأَعلىٰ (آيت : 20) |
هو ته رڳو پنهنجي سڀ کان مٿانهين رب کي راضي ڪرڻ لاءِ ائين ڪري ٿو |
وَلَسَوفَ يَرضىٰ (آيت : 21) |
۽ اهو ضرور راضي ٿيندو |