| وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰ (آيت : 1) |
|
قسم آهي رات جو جڏهن (سڀني شين کي) ڍڪي ٿي. |
| وَالنَّهارِ إِذا تَجَلّىٰ (آيت : 2) |
|
۽ ڏينهن جو جڏهن ظاهر ٿئي ٿو، |
| وَما خَلَقَ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 3) |
|
۽ ان (ذات) جو جنهن نر ۽ مادي کي پيدا ڪيو، |
| إِنَّ سَعيَكُم لَشَتّىٰ (آيت : 4) |
|
بيشڪ اوهان جون ڪوششون طرح طرح جون آهن. |
| فَأَمّا مَن أَعطىٰ وَاتَّقىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ جنهن سخاوت ڪئي ۽ خدا کان ڊنو. |
| وَصَدَّقَ بِالحُسنىٰ (آيت : 6) |
|
۽ تمام چڱي ڳالھ (اسلام) کي سچو سمجهو، |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِليُسرىٰ (آيت : 7) |
|
ته اسين ان جي لاءِ راحت ۽ آساني (جنت) جا اسباب تيار ڪنداسون. |
| وَأَمّا مَن بَخِلَ وَاستَغنىٰ (آيت : 8) |
|
۽ جنهن ڪنجوسي ڪئي ۽ بي پرواهي ڪئي. |
| وَكَذَّبَ بِالحُسنىٰ (آيت : 9) |
|
۽ تمام چڱي ڳالھ کي ڪوڙو ڪيو. |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِلعُسرىٰ (آيت : 10) |
|
ته اسان ان کي سختيءَ سان (جهنم) ۾ وجهي ڇڏينداسون. |
| وَما يُغنى عَنهُ مالُهُ إِذا تَرَدّىٰ (آيت : 11) |
|
۽ جڏهن اهو هلاڪ ٿيندو ته ان جو مال (اسباب) کيس ڪجھ به ڪم نه ايندو. |
| إِنَّ عَلَينا لَلهُدىٰ (آيت : 12) |
|
اسان کي راھ ڏيکارڻي ضرور آهي. |
| وَإِنَّ لَنا لَلءاخِرَةَ وَالأولىٰ (آيت : 13) |
|
آخرت ۽ دنيا (ٻئي خاص) اسان جون ئي آهن. |
| فَأَنذَرتُكُم نارًا تَلَظّىٰ (آيت : 14) |
|
تنهن ڪري مون اوهان کي اهڙي باھ کان ڊيڄاريو آهي جا ڄڀي ڪري ٿي. |
| لا يَصلىٰها إِلَّا الأَشقَى (آيت : 15) |
|
جنهن ۾ اهڙي نڀاڳي کان سواءِ ٻيو ڪو داخل نه ٿيندو. |
| الَّذى كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 16) |
|
جنهن ڪوڙو ڪيو ۽ منهن موڙيو. |
| وَسَيُجَنَّبُهَا الأَتقَى (آيت : 17) |
|
۽ جو وڏو پرهيزگار آهي سو ان کان بچايو ويندو. |
| الَّذى يُؤتى مالَهُ يَتَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
جيڪو پنهنجو مال (خدا جي راھ) ۾ ڏئي ٿو ته جيئن (اهو) پاڪ ٿئي. |
| وَما لِأَحَدٍ عِندَهُ مِن نِعمَةٍ تُجزىٰ (آيت : 19) |
|
۽ مٿس ڪنهن جو اهڙو احسان به نه هجي جنهن جو بدلو ڏئي. |
| إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِ الأَعلىٰ (آيت : 20) |
|
پر (اهو ته) رڳو پنهنجي عاليشان پروردگار جي رضامنديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ڏئي ٿو. |
| وَلَسَوفَ يَرضىٰ (آيت : 21) |
|
۽ اهو ماڻهو ضرور جلد راضي (۽ خوشنود) ٿيندو. |