| وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰ (آيت : 1) |
|
قسم ڪارِي رات جو، جڏهن ڪري ٿِي ڪار، |
| وَالنَّهارِ إِذا تَجَلّىٰ (آيت : 2) |
|
۽ ڏِينهن ساکِي ڏيھ لئي، جڏهن ڏِئي جَھلڪار، |
| وَما خَلَقَ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 3) |
|
۽ جوڙڻ نر، يا نار جو، نَمونو نِروار، |
| إِنَّ سَعيَكُم لَشَتّىٰ (آيت : 4) |
|
ساکِي سَڀ هن ڳالھ تي، بيشڪ بَرقرار، ته آهِن اَوس اَوهان جا، ڌَندا ڌارو ڌار، |
| فَأَمّا مَن أَعطىٰ وَاتَّقىٰ (آيت : 5) |
|
پر پوءِ جِنهن ثابِت سِيل رَکيو، ۽ لَڌئـِين سَقِيمن سار، |
| وَصَدَّقَ بِالحُسنىٰ (آيت : 6) |
|
۽ پَسند ڪيائـِـين پاڻ لئي، چڱِي چوکِي ڪار، |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِليُسرىٰ (آيت : 7) |
|
پوءِ سِگھو سُهِکي پار، اَسِين ڪَنداسون اُن کي. |
| وَأَمّا مَن بَخِلَ وَاستَغنىٰ (آيت : 8) |
|
پر جو ڪَٺَ ڪَنجوس ٿِـئو، بي پَرواه بَنيو پاڻ، |
| وَكَذَّبَ بِالحُسنىٰ (آيت : 9) |
|
۽ ڀُليو پار ڀَلي کان، ڀيري ڀيري ساڻ، |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِلعُسرىٰ (آيت : 10) |
|
پوءِ ڪنداسون تِنهن ڪاڻ، سِگھو سَهکو سُور کي. |
| وَما يُغنى عَنهُ مالُهُ إِذا تَرَدّىٰ (آيت : 11) |
|
۽ ڪِين ڇَڏائـِيندس ڪَڏهن، سَندسِ ميڙيل مال، ڏيئـِي ڇَپَر تان ڇال، جڏهن پاڻهِين مارئـِين پاڻ کي. |
| إِنَّ عَلَينا لَلهُدىٰ (آيت : 12) |
|
ڏِيڻ ڏَس چڱِئَ جو، آهي اَسان جو شان، |
| وَإِنَّ لَنا لَلءاخِرَةَ وَالأولىٰ (آيت : 13) |
|
۽ آهِن اَوس اَسان جا، هِي ۽ هُو جَھان، |
| فَأَنذَرتُكُم نارًا تَلَظّىٰ (آيت : 14) |
|
تڏهن توهان کي باھ جو، اڳي ڪَيَمِ اِعلان، |
| لا يَصلىٰها إِلَّا الأَشقَى (آيت : 15) |
|
پَوي نَه، اُنهِئَ پوڻ ۾، ري اَڀاڳي اِنسان، |
| الَّذى كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 16) |
|
جِنهن ڪُوڙا ڪيا بيان، ۽ هَليو پُٺيرو حَقَّ کان. |
| وَسَيُجَنَّبُهَا الأَتقَى (آيت : 17) |
|
۽ جِنهن پوتِي پَنهنجي پاڪ رکي، سو بَچندو کانسِ بَحال، |
| الَّذى يُؤتى مالَهُ يَتَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
جو مَدد ڏِئي مِسڪِين کي، مَنجھان پَنهنجي مال، |
| وَما لِأَحَدٍ عِندَهُ مِن نِعمَةٍ تُجزىٰ (آيت : 19) |
|
ٻِيو حَق نه وَٽسِ، ڪنهن هيڪ جو، جو هُجي لاهِيندو لال، |
| إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِ الأَعلىٰ (آيت : 20) |
|
۽ رَبَّ سَندسِ جي راه ۾، جو مَٿاهون مُتعال، |
| وَلَسَوفَ يَرضىٰ (آيت : 21) |
|
سِگھو سُڀان ڪالھ، سَڀ ماڻِيندو مَرضِيون. |