| وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰ (آيت : 1) |
|
رات جو قسم آهي جڏهن (سڀني شين کي) ڍڪي ٿي |
| وَالنَّهارِ إِذا تَجَلّىٰ (آيت : 2) |
|
۽ ڏينهن جو جڏهن ظاهر ٿئي ٿو |
| وَما خَلَقَ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 3) |
|
۽ نر ماديءَ کي جو پيدا ڪيو اٿس تنهن جو |
| إِنَّ سَعيَكُم لَشَتّىٰ (آيت : 4) |
|
ته اوهان جون ڪوششون مختلف آهن |
| فَأَمّا مَن أَعطىٰ وَاتَّقىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ جنهن شخص ڏنو ۽ (الله کان) ڊنو ۽ |
| وَصَدَّقَ بِالحُسنىٰ (آيت : 6) |
|
تمام چٽي ڳالهه کي سچو سمجهيو |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِليُسرىٰ (آيت : 7) |
|
ته ان کي تمام آسان رستي (تي هلڻ) جي توفيق ڏينداسون |
| وَأَمّا مَن بَخِلَ وَاستَغنىٰ (آيت : 8) |
|
بخل ڪيو ۽ بي پرواهي ڪئي |
| وَكَذَّبَ بِالحُسنىٰ (آيت : 9) |
|
۽ تمام چٽي ڳالهه کي ڪوڙو ڪيو |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِلعُسرىٰ (آيت : 10) |
|
ته ان کي تمام مشڪل رستي (تي هلڻ) لاءِ لڳائي ڇڏينداسون |
| وَما يُغنى عَنهُ مالُهُ إِذا تَرَدّىٰ (آيت : 11) |
|
۽ سندس مال ان کان ڪجهه به نه ٽاريندو جڏهن هو (کڏ ۾ ) ڪرندو |
| إِنَّ عَلَينا لَلهُدىٰ (آيت : 12) |
|
بيشڪ اسان تي ئي رستو ڏيکارڻ آهي |
| وَإِنَّ لَنا لَلءاخِرَةَ وَالأولىٰ (آيت : 13) |
|
۽ بيشڪ آخرت ۽ دنيا اسان جون ئي آهن |
| فَأَنذَرتُكُم نارًا تَلَظّىٰ (آيت : 14) |
|
تنهن ڪري مون اوهان کي اهڙي باهه کان ڊيڄاريو آهي جا ڄڀي (ڀڙڪا) ڪري ٿي |
| لا يَصلىٰها إِلَّا الأَشقَى (آيت : 15) |
|
جنهن ۾ اهڙي نڀاڳي کان سواءِ ٻيو ڪو داخل نه ٿيندو |
| الَّذى كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 16) |
|
جنهن ڪوڙو ڪيو ۽ منهن موڙيو |
| وَسَيُجَنَّبُهَا الأَتقَى (آيت : 17) |
|
۽ ان کان ان پرهيزگار کي الڳ ڪيو ويندو |
| الَّذى يُؤتى مالَهُ يَتَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
جو پنهنجو مال ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي |
| وَما لِأَحَدٍ عِندَهُ مِن نِعمَةٍ تُجزىٰ (آيت : 19) |
|
۽ مٿس ڪنهن جو اهڙو احسان به نه هجي جنهن جو بدلو ڏئي |
| إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِ الأَعلىٰ (آيت : 20) |
|
پر پنهنجي بلند پاليندڙ جي رضامندي گهرڻ لاءِ (ڏئي ٿو) |
| وَلَسَوفَ يَرضىٰ (آيت : 21) |
|
۽ اهو شخص ضرور راضي ٿيندو |