| وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰ (آيت : 1) |
|
قسم آهي رات جو جڏهن ڇانئجي وڃي. |
| وَالنَّهارِ إِذا تَجَلّىٰ (آيت : 2) |
|
۽ قسم آهي ڏينهن جو جڏهن روشن ٿي وڃي. |
| وَما خَلَقَ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 3) |
|
۽ قسم آهي ان ذات جو جنهن نر ۽ مادي کي پيدا ڪيو. |
| إِنَّ سَعيَكُم لَشَتّىٰ (آيت : 4) |
|
ته بيشڪ توهان جي ڪوشش جدا جدا (مقصدن لاءِ) آهي. |
| فَأَمّا مَن أَعطىٰ وَاتَّقىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ جنهن (مال الله جي راهه ۾) ڏنو ۽ پرهيزگار ٿيو. |
| وَصَدَّقَ بِالحُسنىٰ (آيت : 6) |
|
۽ سهڻي ڳالهه جي تصديق ڪيائين. |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِليُسرىٰ (آيت : 7) |
|
پوءِ سگهو ئي اسان ان کي آسان رستي جي سهولت ميسر ڪري ڏينداسين. |
| وَأَمّا مَن بَخِلَ وَاستَغنىٰ (آيت : 8) |
|
۽ پر جنهن بخيلي ڪئي ۽ بي پرواهي ڪيائين. |
| وَكَذَّبَ بِالحُسنىٰ (آيت : 9) |
|
۽ سهڻي ڳالهه کي ڪوڙو چيائين. |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِلعُسرىٰ (آيت : 10) |
|
پوءِ سگهو ئي اسان ان کي تمام مشڪل رستي لاءِ (اسباب) مهيا ڪري ڏينداسين. |
| وَما يُغنى عَنهُ مالُهُ إِذا تَرَدّىٰ (آيت : 11) |
|
۽ ان جو مال ان جي ڪنهن ڪم نه ايندو جڏهن اُهو (هلاڪت جي کڏ ۾) ڪِرندو. |
| إِنَّ عَلَينا لَلهُدىٰ (آيت : 12) |
|
بيشڪ هدايت جي واٽ ڏيکارڻ اسان تي آهي. |
| وَإِنَّ لَنا لَلءاخِرَةَ وَالأولىٰ (آيت : 13) |
|
۽ بيشڪ آخرت ۽ دنيا اسان جون ئي آهن. |
| فَأَنذَرتُكُم نارًا تَلَظّىٰ (آيت : 14) |
|
پوءِ مون توهان کي اهڙي باهه کان ڊيڄاريو آهي جا ڀڙڪي رهي آهي. |
| لا يَصلىٰها إِلَّا الأَشقَى (آيت : 15) |
|
جنهن ۾ وڏي نڀاڳي کان سواءِ ڪوبه نه گهڙندو. |
| الَّذى كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 16) |
|
جنهن (حق کي) ڪوڙو چيو ۽ مُنهن موڙيائين. |
| وَسَيُجَنَّبُهَا الأَتقَى (آيت : 17) |
|
۽ جلد بچايو ويندو ان (باهه) کان وڏي پرهيزگار کي. |
| الَّذى يُؤتى مالَهُ يَتَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
جو پنهنجو مال (الله جي راهه ۾) ڏئي ٿو پاڪيزگي حاصل ڪري. |
| وَما لِأَحَدٍ عِندَهُ مِن نِعمَةٍ تُجزىٰ (آيت : 19) |
|
۽ ڪنهن جو به ان تي ڪو احسان ناهي جنهن جو بدلو ڏئي رهيو هجي. |
| إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِ الأَعلىٰ (آيت : 20) |
|
سواءِ پنهنجي پالڻهار جي رضامندي حاصل ڪرڻ جي، جيڪو (سڀ کان) مٿاهون آهي. |
| وَلَسَوفَ يَرضىٰ (آيت : 21) |
|
۽ پڪ سان جلد اُهو (الله ان کان) راضي ٿي ويندو. |