| وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰ (آيت : 1) |
|
(ڪائنات جي ٻن متضاد شين مان) رات جو قسم آهي، جڏهن (ان جي اوندهه سڀني شين کي) ڍڪي ٿي. |
| وَالنَّهارِ إِذا تَجَلّىٰ (آيت : 2) |
|
۽ ڏينهن جو جڏهن (ان جو سوجهرو سڀني شين کي) ظاهر ڪري ٿو. |
| وَما خَلَقَ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 3) |
|
۽ نر ماديءَ کي جو (الڳ طبعي رجحانن سان) پيدا ڪيو اٿس (تنهن جو قسم). |
| إِنَّ سَعيَكُم لَشَتّىٰ (آيت : 4) |
|
ته اوهان جون ڪوششون (به ائين الڳ رخن ۾ ٿيندڙ ۽) مختلف آهن. |
| فَأَمّا مَن أَعطىٰ وَاتَّقىٰ (آيت : 5) |
|
(انهيءَ فرق جي باوجود به رات ۽ ڏينهن ۽ نر ۽ مادي هڪ ٻئي لاءِ مفيد بڻجن ٿا) پوءِ جنهن شخص (سڀني انسانن کي الله جو ڪٽنب ڄاڻي انهن ۾) پنهنجي ڪمائي ورهائي ۽ الله کان ڊنو. |
| وَصَدَّقَ بِالحُسنىٰ (آيت : 6) |
|
۽ (هن دنيا ۾ الله جي نيابت واري) تمام چڱي ڳالهه کي سچو سمجهيو. |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِليُسرىٰ (آيت : 7) |
|
ته ان کي (انهيءَ چڱي ڳالهه لاءِ) تمام آسان رستي (تي هلڻ) جر توفيق ڏينداسون. |
| وَأَمّا مَن بَخِلَ وَاستَغنىٰ (آيت : 8) |
|
۽ جنهن شخص بخيليءَ جي واٽ ورتي ۽ بي پرواهي ڪئي. |
| وَكَذَّبَ بِالحُسنىٰ (آيت : 9) |
|
۽ (هن دنيا ۾ الله جي بيابت واري) تمام چڱي ڳالهه کي ڪوڙو ڪيو. |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِلعُسرىٰ (آيت : 10) |
|
ته ان کي (پنهنجي گرفت واري قانون سان) تمام مشڪل رستي تي لڳائي ڇڏينداسون. |
| وَما يُغنى عَنهُ مالُهُ إِذا تَرَدّىٰ (آيت : 11) |
|
۽ سندس مال ان کي ڪم نه ايندو، جڏهن هو (تباهين جي) کڏ ۾ ڪرندو. |
| إِنَّ عَلَينا لَلهُدىٰ (آيت : 12) |
|
(ان ڪري جو هن ذاتي مفاد جو اهو رستو رڳو پنهنجي سوچ تي هلي اختيار ڪيو هو) بيشڪ (وحي جي ذريعي انساني ڪامراني ۽ فلاح جو) رستو ڏيکارڻ اسان تي (اسان جي ذمي) آهي. |
| وَإِنَّ لَنا لَلءاخِرَةَ وَالأولىٰ (آيت : 13) |
|
۽ بيشڪ (ان واٽ تي) آخرت ۽ دنيا (جون ڀلايون) اسان جي اختيار ۾ آهن. |
| فَأَنذَرتُكُم نارًا تَلَظّىٰ (آيت : 14) |
|
تنهن ڪري مون اوهان کي (تباهين جي) اهڙي باهه کان ڊيڄاريو آهي، جا ڀڙڪندڙ آهي. |
| لا يَصلىٰها إِلَّا الأَشقَى (آيت : 15) |
|
جنهن ۾ اهڙي نڀاڳي کان سواءِ ٻيو ڪو داخل نه ٿيندو. |
| الَّذى كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 16) |
|
جنهن (حقن پوري ڪرڻ واري اسان جي قانونن کي) ڪوڙو ڪيو ۽ (انهن تي عمل کان) منهن موڙيو. |
| وَسَيُجَنَّبُهَا الأَتقَى (آيت : 17) |
|
۽ ان (تباهيءَ) کان (اسان جي قانونن جي پاسداري لاءِ) پنهنجي نگهباني ڪندڙ شخص کي بچايو ويندو. |
| الَّذى يُؤتى مالَهُ يَتَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
جنهن (ضرورت پوڻ تي رضا خوشيءَ سان) پنهنجو (سڀ ڪجهه) مال (انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ) ڏئي پاڻ سنواريو. |
| وَما لِأَحَدٍ عِندَهُ مِن نِعمَةٍ تُجزىٰ (آيت : 19) |
|
۽ مٿس ڪنهن جو اهڙو احسان به نه آهي، جنهن جو بدلو ڏئي ٿو. |
| إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِ الأَعلىٰ (آيت : 20) |
|
پر پنهنجي مٿاهين پالڻهار جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ (ڏئي ٿو). |
| وَلَسَوفَ يَرضىٰ (آيت : 21) |
|
۽ ان شخص کي اها رضامندي ضرور پلئه پوندي. |