| وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰ (آيت : 1) |
|
قسم آهي رات جو جڏهن اها ڇانئجي وڃي ٿي |
| وَالنَّهارِ إِذا تَجَلّىٰ (آيت : 2) |
|
قسم آهي ڏينهن جو جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو |
| وَما خَلَقَ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 3) |
|
قسم آهي ان خالق جو جنهن مذڪر ۽ مؤنث پيدا ڪيا |
| إِنَّ سَعيَكُم لَشَتّىٰ (آيت : 4) |
|
بيشڪ توهان جي ڪوشش يقيناً مختلف آهي |
| فَأَمّا مَن أَعطىٰ وَاتَّقىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ پر اهو ماڻهو جنهن (پنهنجو مال خدا ڪارڻ) ڏنو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي |
| وَصَدَّقَ بِالحُسنىٰ (آيت : 6) |
|
۽ مِلتِ اسلام کي سچو سمجھو |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِليُسرىٰ (آيت : 7) |
|
پوءِ جلد اسين ان کي آسانيءَ جي توفيق عطا ڪنداسين |
| وَأَمّا مَن بَخِلَ وَاستَغنىٰ (آيت : 8) |
|
۽ پر اهو ماڻهو جنهن بخيلي ڪئي ۽ بي پرواهه ٿيو |
| وَكَذَّبَ بِالحُسنىٰ (آيت : 9) |
|
۽ مِلتِ اسلاميه جي تڪذيب ڪئي |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِلعُسرىٰ (آيت : 10) |
|
پوءِ جلد اسين ان کي باه ۾ گرفتار ڪنداسين |
| وَما يُغنى عَنهُ مالُهُ إِذا تَرَدّىٰ (آيت : 11) |
|
۽ جڏهن اهو پاڻ مَرندو ته کيس سندس مال ڪو نفعو نه ڏيندو |
| إِنَّ عَلَينا لَلهُدىٰ (آيت : 12) |
|
بيشڪ هدايت اسان تي آهي |
| وَإِنَّ لَنا لَلءاخِرَةَ وَالأولىٰ (آيت : 13) |
|
۽ بيشڪ آخرت ۽ دنيا جا مالڪ اسين آهيون |
| فَأَنذَرتُكُم نارًا تَلَظّىٰ (آيت : 14) |
|
پوءِ آئون توهان کي ان باه کان ڊيڄاريان ٿو جيڪا ڀڙڪي پئي |
| لا يَصلىٰها إِلَّا الأَشقَى (آيت : 15) |
|
نٿو داخل ٿئي انهيءَ ۾ مگر وڏو بدبخت |
| الَّذى كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 16) |
|
جنهن تڪذيب ڪئي ۽ مُنهن ڦيرايو |
| وَسَيُجَنَّبُهَا الأَتقَى (آيت : 17) |
|
۽ ان کان ضرور پري رکيو ويندو ان شخص کي جيڪو وڌيڪ پرهيزگار آهي |
| الَّذى يُؤتى مالَهُ يَتَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
جيڪو پنهنجو مال بنا ڪنهن ريا جي خرچ ڪري ٿو |
| وَما لِأَحَدٍ عِندَهُ مِن نِعمَةٍ تُجزىٰ (آيت : 19) |
|
۽ ڪنهن جو ان تي ڪو احسان ناهي جنهنجو بدلو ڏنو وڃي ٿو |
| إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِ الأَعلىٰ (آيت : 20) |
|
مگر اهو فقط پنهنجي رب تعالى جو رضامندو گھُري ٿو |
| وَلَسَوفَ يَرضىٰ (آيت : 21) |
|
۽ اهو جلد (پنهنجي رب کان) راضي ٿيندو |