وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰ (آيت : 1) |
رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي. |
وَالنَّهارِ إِذا تَجَلّىٰ (آيت : 2) |
۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو. |
وَما خَلَقَ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 3) |
۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي. |
إِنَّ سَعيَكُم لَشَتّىٰ (آيت : 4) |
ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي. |
فَأَمّا مَن أَعطىٰ وَاتَّقىٰ (آيت : 5) |
پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي. |
وَصَدَّقَ بِالحُسنىٰ (آيت : 6) |
۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين. |
فَسَنُيَسِّرُهُ لِليُسرىٰ (آيت : 7) |
تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين. |
وَأَمّا مَن بَخِلَ وَاستَغنىٰ (آيت : 8) |
۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين. |
وَكَذَّبَ بِالحُسنىٰ (آيت : 9) |
۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين. |
فَسَنُيَسِّرُهُ لِلعُسرىٰ (آيت : 10) |
تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين. |
وَما يُغنى عَنهُ مالُهُ إِذا تَرَدّىٰ (آيت : 11) |
۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو. |
إِنَّ عَلَينا لَلهُدىٰ (آيت : 12) |
بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي. |
وَإِنَّ لَنا لَلءاخِرَةَ وَالأولىٰ (آيت : 13) |
۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن. |
فَأَنذَرتُكُم نارًا تَلَظّىٰ (آيت : 14) |
پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي. |
لا يَصلىٰها إِلَّا الأَشقَى (آيت : 15) |
(اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو. |
الَّذى كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 16) |
جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو. |
وَسَيُجَنَّبُهَا الأَتقَى (آيت : 17) |
۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو. |
الَّذى يُؤتى مالَهُ يَتَزَكّىٰ (آيت : 18) |
جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي. |
وَما لِأَحَدٍ عِندَهُ مِن نِعمَةٍ تُجزىٰ (آيت : 19) |
۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي. |
إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِ الأَعلىٰ (آيت : 20) |
پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو). |
وَلَسَوفَ يَرضىٰ (آيت : 21) |
۽ ضرور جلد خوش ٿيندو. |