القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الَّیۡلِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 21


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰ (آيت : 1)

شاهد آهن؛ ڇانئجي ويندڙ رات،

وَالنَّهارِ إِذا تَجَلّىٰ (آيت : 2)

روشن ٿيندڙ ڏينهن،

وَما خَلَقَ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 3)

۽ مردن ۽ زالن کي خلقيندڙ.

إِنَّ سَعيَكُم لَشَتّىٰ (آيت : 4)

ته بيشڪ اوهان جو ڪوششون ڌار ڌار آهن.

فَأَمّا مَن أَعطىٰ وَاتَّقىٰ (آيت : 5)

پوءِ جنهن خيرات ڏني، خدا ترس ٿيو.

وَصَدَّقَ بِالحُسنىٰ (آيت : 6)

۽ نيڪ ڳالهه کي سچو سمجهيائين.

فَسَنُيَسِّرُهُ لِليُسرىٰ (آيت : 7)

ته ان لاءِ اسين راحت جو رستو کولينداسون.

وَأَمّا مَن بَخِلَ وَاستَغنىٰ (آيت : 8)

مگر جيڪو ڪنجوس ٿيو ۽ بيپرواهي ڪيائين.

وَكَذَّبَ بِالحُسنىٰ (آيت : 9)

۽ نيڪ ڳالهه کي ڪوڙو سمجهيائين.

فَسَنُيَسِّرُهُ لِلعُسرىٰ (آيت : 10)

ته ان لاءِ تڪليف جو رستو کولينداسون.

وَما يُغنى عَنهُ مالُهُ إِذا تَرَدّىٰ (آيت : 11)

۽ جڏهن کڏ ۾ ڪرندو، تڏهن سندس مال ڪجهه به ڪم ڪونه ايندو.

إِنَّ عَلَينا لَلهُدىٰ (آيت : 12)

بيشڪ اسان تي آهي رستو ڏيکارڻ.

وَإِنَّ لَنا لَلءاخِرَةَ وَالأولىٰ (آيت : 13)

۽ آخرت ۽ دنيا اسان جي ئي هٿ ۾ آهن.

فَأَنذَرتُكُم نارًا تَلَظّىٰ (آيت : 14)

پوءِ مون اوهان کي ڀڙڪندڙ باهه کان خبردار ڪيو آهي.

لا يَصلىٰها إِلَّا الأَشقَى (آيت : 15)

ان ۾ اهو ئي پوندو، جو وڏو نڀاڳو آهي.

الَّذى كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 16)

جنهن ويساهه نه ڪيو ۽ منهن موڙيائين.

وَسَيُجَنَّبُهَا الأَتقَى (آيت : 17)

۽ انهي نيڪ کي ان کان بچائبو،

الَّذى يُؤتى مالَهُ يَتَزَكّىٰ (آيت : 18)

جنهن پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجو مال خيرات ڪيو.

وَما لِأَحَدٍ عِندَهُ مِن نِعمَةٍ تُجزىٰ (آيت : 19)

انهي لاءِ نه، ته ڪنهنجي احسان جو بدلو ٿو لاهي.

إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِ الأَعلىٰ (آيت : 20)

بلڪ فقط پنهنجي مٿاهين رب جي رضا حاصل ڪرڻ خاطر،

وَلَسَوفَ يَرضىٰ (آيت : 21)

۽ هو به جلد ئي خوش ٿيندو-


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025