| وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰ (آيت : 1) |
|
قسم آهي رات جو جڏهن ڍڪي ٿي . |
| وَالنَّهارِ إِذا تَجَلّىٰ (آيت : 2) |
|
۽ قسم آهي ڏينهن جو جڏهن روشن ٿئي ٿو . |
| وَما خَلَقَ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 3) |
|
۽ ان جو جنهن پيدا ڪيو نر کي ۽ ماديءَ کي . |
| إِنَّ سَعيَكُم لَشَتّىٰ (آيت : 4) |
|
بيشڪ اوهان جي ڪوشش جدا جدا آهي . |
| فَأَمّا مَن أَعطىٰ وَاتَّقىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ پر جنهن ڏنو ۽ ڊنو . |
| وَصَدَّقَ بِالحُسنىٰ (آيت : 6) |
|
۽سچو چيائين چڱي ڳالهه کي . |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِليُسرىٰ (آيت : 7) |
|
پوءِ جلد آسان ڪري ڏينداسون ان کي سولي واٽ . |
| وَأَمّا مَن بَخِلَ وَاستَغنىٰ (آيت : 8) |
|
۽ پر جنهن بخيلي ڪئي ۽ بي پرواهي ڏيکاري . |
| وَكَذَّبَ بِالحُسنىٰ (آيت : 9) |
|
۽ ڪوڙو چيائين سهڻي ڳالهه کي . |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِلعُسرىٰ (آيت : 10) |
|
پوءِ جلد ميسر ڪنداسون ان لاءِ ڏکيائي . |
| وَما يُغنى عَنهُ مالُهُ إِذا تَرَدّىٰ (آيت : 11) |
|
۽ نه فائدو ڏيندو ان کان ان جو مال جڏهن هلاڪت ۾ پوندو . |
| إِنَّ عَلَينا لَلهُدىٰ (آيت : 12) |
|
بيشڪ اسان تي البته هدايت ڪرڻ آهي . |
| وَإِنَّ لَنا لَلءاخِرَةَ وَالأولىٰ (آيت : 13) |
|
۽ بيشڪ اسان جي آهي البته آخرت ۽ دنيا . |
| فَأَنذَرتُكُم نارًا تَلَظّىٰ (آيت : 14) |
|
پوءِ ڊيڄاريو مون اوهان کي باهه کان جيڪا ڀڙڪي پئي . |
| لا يَصلىٰها إِلَّا الأَشقَى (آيت : 15) |
|
نه داخل ٿيندو ان ۾ مگر وڏو بد بخت . |
| الَّذى كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 16) |
|
جنهن ڪوڙو چيو ۽ منهن موڙيو . |
| وَسَيُجَنَّبُهَا الأَتقَى (آيت : 17) |
|
۽ گهڻو پري رکيو ويندو ان کان وڏو پرهيزگار . |
| الَّذى يُؤتى مالَهُ يَتَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
جيڪو پنهنجو مال ڏئي ٿو صاف ٿو ٿئي . |
| وَما لِأَحَدٍ عِندَهُ مِن نِعمَةٍ تُجزىٰ (آيت : 19) |
|
۽ ناهي ڪنهن هڪ جو ان تي ڪو احسان جو بدلو ڏنو وڃي ٿو . |
| إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِ الأَعلىٰ (آيت : 20) |
|
مگر پنهنجي رب اعلى جي رضا طلب ڪرڻ لاءِ . |
| وَلَسَوفَ يَرضىٰ (آيت : 21) |
|
۽ البته جلد راضي ٿيندو . |