| وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰ (آيت : 1) |
|
قسم آهي رات جو جڏهن اُها ڇانئجي وڃي ٿي. |
| وَالنَّهارِ إِذا تَجَلّىٰ (آيت : 2) |
|
قسم آهي ڏينھن جو جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو. |
| وَما خَلَقَ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 3) |
|
قسم آهي ان ذات جو جنھن مرد ۽ عورت کي پيدا ڪيو. |
| إِنَّ سَعيَكُم لَشَتّىٰ (آيت : 4) |
|
بيشڪ توهان جون ڪوششون (هڪ ٻئي کان) مختلف آهن. |
| فَأَمّا مَن أَعطىٰ وَاتَّقىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ جنھن (الله تعالى جي راهه ۾) مال ڏنو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي. |
| وَصَدَّقَ بِالحُسنىٰ (آيت : 6) |
|
۽ ڀلائي جي تصديق ڪئي. |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِليُسرىٰ (آيت : 7) |
|
ته (اهڙي صورت ۾) اسان ان کي آسان رستي جي توفيق ڏينداسين. |
| وَأَمّا مَن بَخِلَ وَاستَغنىٰ (آيت : 8) |
|
(پر) جنھن ماڻهو (الله تعالى جي نالي تي ڏيڻ کان) ڪنجوسي ڪئي ۽ بيپرواهي اختيار ڪئي. |
| وَكَذَّبَ بِالحُسنىٰ (آيت : 9) |
|
۽ ڀلائي کي ڪوڙو ڪيو. |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِلعُسرىٰ (آيت : 10) |
|
ته اسان کيس تڪليف واري رستي تي لڳائينداسين. |
| وَما يُغنى عَنهُ مالُهُ إِذا تَرَدّىٰ (آيت : 11) |
|
جڏهن هو بربادي ۾ پوندو ته سندس مال (ڪنهن به) ڪم نه ايندو. |
| إِنَّ عَلَينا لَلهُدىٰ (آيت : 12) |
|
بيشڪ (سڌو) رستو ڏيکارڻ اسان جي ذمي آهي. |
| وَإِنَّ لَنا لَلءاخِرَةَ وَالأولىٰ (آيت : 13) |
|
۽ بيشڪ آخرت ۽ دنيا اسان جي ئي هٿ ۾ آهن. |
| فَأَنذَرتُكُم نارًا تَلَظّىٰ (آيت : 14) |
|
سو مان توهان کي ڀڙڪندڙ باهه کان ڊيڄاري ڇڏيو آهي. |
| لا يَصلىٰها إِلَّا الأَشقَى (آيت : 15) |
|
ان (باهه) ۾ بدبخت ماڻهو ئي داخل ٿيندو. |
| الَّذى كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 16) |
|
جنھن ڪوڙو ڪيو ۽ منھن موڙيو. |
| وَسَيُجَنَّبُهَا الأَتقَى (آيت : 17) |
|
البته پرهيزگارن کي ان باهه کان پري رکيو ويندو. |
| الَّذى يُؤتى مالَهُ يَتَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
جيڪو پاڪيزهه رهڻ خاطر مال خرچ ڪري ٿو. |
| وَما لِأَحَدٍ عِندَهُ مِن نِعمَةٍ تُجزىٰ (آيت : 19) |
|
ان جي مٿان ڪنھن جو به احسان ٿيل نه آهي جنھن جو کيس بدلو لاهڻو هجي. |
| إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِ الأَعلىٰ (آيت : 20) |
|
بلڪه پنھنجي بلند پالڻھار جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ ايئن ڪندو آهي. |
| وَلَسَوفَ يَرضىٰ (آيت : 21) |
|
۽ هو عنقريب راضي (۽ خوش) ٿي ويندو. |