| وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰ (آيت : 1) |
|
قسم آهي رات جو جڏهن اها ڍڪي ٿي |
| وَالنَّهارِ إِذا تَجَلّىٰ (آيت : 2) |
|
قسم آهي ڏينهن جو جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو |
| وَما خَلَقَ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 3) |
|
۽ ان جو جنهن پيدا ڪيو نر ۽ ماديءَ کي |
| إِنَّ سَعيَكُم لَشَتّىٰ (آيت : 4) |
|
بيشڪ توهان جي ڪوشش مختلف قسمن جي آهي |
| فَأَمّا مَن أَعطىٰ وَاتَّقىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ جنهن ڏنو مال (الله جي راهه ۾) ۽ پرهيزگار ٿيو (نافرماني نه ڪئي) |
| وَصَدَّقَ بِالحُسنىٰ (آيت : 6) |
|
۽ چڱائيءَ کي سچ ڄاتائين |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِليُسرىٰ (آيت : 7) |
|
پوءِ ان کي اسان سولي راهه جي سهولت ڏينداسين |
| وَأَمّا مَن بَخِلَ وَاستَغنىٰ (آيت : 8) |
|
۽ جنهن ڪيو بخل (خدا سان) بي نيازي اختيار ڪئي |
| وَكَذَّبَ بِالحُسنىٰ (آيت : 9) |
|
۽ ڪوڙو ڀانيائين ڀلائيءَ کي |
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِلعُسرىٰ (آيت : 10) |
|
پوءِ آسان ڪري ڏنو ان کي ڏکيو رستو |
| وَما يُغنى عَنهُ مالُهُ إِذا تَرَدّىٰ (آيت : 11) |
|
۽ نه بچائيندو ان کي سندس مال جڏهن هو هلاڪ ٿي ويندو |
| إِنَّ عَلَينا لَلهُدىٰ (آيت : 12) |
|
بيشڪ اسان جي ذمي آهي راهه ڏيکارڻ |
| وَإِنَّ لَنا لَلءاخِرَةَ وَالأولىٰ (آيت : 13) |
|
۽ بيشڪ اسان ئي مالڪ آهيون آخرت ۽ دنيا جا |
| فَأَنذَرتُكُم نارًا تَلَظّىٰ (آيت : 14) |
|
پوءِ مون ڊيڄاريو آهي توهان کي ان باهه کان جيڪا ڄڀي واري آهي |
| لا يَصلىٰها إِلَّا الأَشقَى (آيت : 15) |
|
نه پڄرندو ان ۾ فقط اهو جيڪو ڪوڙو چوندڙ نڀاڳو |
| الَّذى كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 16) |
|
جنهن ڪوڙو ڪيو ۽ منهن موڙيو |
| وَسَيُجَنَّبُهَا الأَتقَى (آيت : 17) |
|
۽ ان کان پري رکيو ويندو وڏو پرهيزگار |
| الَّذى يُؤتى مالَهُ يَتَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
جيڪو پنهنجو مال ڏئي ٿو پاڪ ٿيڻ جي لاءِ |
| وَما لِأَحَدٍ عِندَهُ مِن نِعمَةٍ تُجزىٰ (آيت : 19) |
|
۽ ناهي ڪنهن جو ان تي ڪوئي احسان جنهن جو ڪو بدلو ڏيڻو هجي |
| إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِ الأَعلىٰ (آيت : 20) |
|
پر هو ته گهري ٿو رضا پنهنجي رب مٿانهين رب جي |
| وَلَسَوفَ يَرضىٰ (آيت : 21) |
|
۽ اهو ضرور (ان کان) خوش ٿيندو |