القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الشَّمۡسِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 15


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالشَّمسِ وَضُحىٰها (آيت : 1)

قسم آهي سج جو ۽ ان جي سوجهري جو

وَالقَمَرِ إِذا تَلىٰها (آيت : 2)

۽ قسم آهي چنڊ جو، جڏهن اهو سندس ڪڍ ايندو آهي

وَالنَّهارِ إِذا جَلّىٰها (آيت : 3)

۽ قسم آهي ڏينهن جو، جڏهن اهو (سج کي) کولي ظاهر ڪندو آهي

وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰها (آيت : 4)

۽ قسم آهي رات جو، جڏهن اها (سج کي) ڍڪي

وَالسَّماءِ وَما بَنىٰها (آيت : 5)

۽ قسم آهي آسمان جو ۽ انهيءَ هستيءَ جو جنهن ان کي ٺاهي بيهاريو

وَالأَرضِ وَما طَحىٰها (آيت : 6)

۽ قسم آهي زمين جو ۽ انهيءَ ذات جو جنهن ان کي وڇائي ڇڏيو

وَنَفسٍ وَما سَوّىٰها (آيت : 7)

۽ قسم آهي نفس جو ۽ انهيءَ ذات جو، جنهن ان کي سـنــوَت ۾ آندو

فَأَلهَمَها فُجورَها وَتَقوىٰها (آيت : 8)

پوءِ سندس بــَـدي ۽ پرهيزگاري مٿس پڌري ڪري ڇڏيائين

قَد أَفلَحَ مَن زَكّىٰها (آيت : 9)

بيشڪ ڪامياب ٿيو، جنهن نفس کي پاڪ ڪيو

وَقَد خابَ مَن دَسّىٰها (آيت : 10)

۽ نامراد ٿيو اهو جنهن ان (نفس جي چڱن لاڙن) کي مٽيءَ ۾ ملايو

كَذَّبَت ثَمودُ بِطَغوىٰها (آيت : 11)

ثمود پنهنجي سرڪشيءَ جي ڪري ڪوڙو سڏيو

إِذِ انبَعَثَ أَشقىٰها (آيت : 12)

جڏهن انهيءَ قوم جو سڀ کان نڀاڳو نامراد ٿيو

فَقالَ لَهُم رَسولُ اللَّهِ ناقَةَ اللَّهِ وَسُقيٰها (آيت : 13)

ته الله جي رسول (صالح) انهن ماڻهن کي چيو: خبردار، الله جي ڏاچيءَ کي (هٿ نه لائجو) ۽ سندس پاڻي پيئڻ (۾ رنڊڪ نه وجهجو)

فَكَذَّبوهُ فَعَقَروها فَدَمدَمَ عَلَيهِم رَبُّهُم بِذَنبِهِم فَسَوّىٰها (آيت : 14)

مگر انهن سندس ڳالهه کي ڪوڙو چيو ۽ ڏاچيءَ کي ماري وڌائون. نيٺ سندن رب سندن گناهه جي ڪري مٿن اهڙي تباهي آندي، جو سڀني کي هيڪاندو کڻي مٽيءَ سان برابر ڪري ڇڏيائين

وَلا يَخافُ عُقبٰها (آيت : 15)

۽ هــُـن (الله) کي (پنهنجي ان تباهيءَ واري ڪم جي) ڪنهن خراب نتيجي جو ڪو به ڊپ ڪونهي


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025