| وَالشَّمسِ وَضُحىٰها (آيت : 1) |
|
سج جو قسم آهي ۽ سندس روشنيءَ جو، |
| وَالقَمَرِ إِذا تَلىٰها (آيت : 2) |
|
۽ چنڊ جو جڏهن سج جي پٺيان نڪري ٿو. |
| وَالنَّهارِ إِذا جَلّىٰها (آيت : 3) |
|
۽ ڏينهن جو جڏهن چمڪائي، |
| وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰها (آيت : 4) |
|
۽ رات جو جڏهن ان کي ڍڪي ٿي. |
| وَالسَّماءِ وَما بَنىٰها (آيت : 5) |
|
۽ آسمان جو ۽ جنهن ان کي بنايو اٿس تنهن جو. |
| وَالأَرضِ وَما طَحىٰها (آيت : 6) |
|
۽ زمين جو ۽ جنهن ان کي وڇايو اٿس تنهن جو. |
| وَنَفسٍ وَما سَوّىٰها (آيت : 7) |
|
۽ جان جو ۽ جنهن ان کي برابر جوڙيو اٿس. |
| فَأَلهَمَها فُجورَها وَتَقوىٰها (آيت : 8) |
|
پوءِ ان کي بدڪاري ۽ نيڪوڪاريءَ جي سمجھ ڏني اٿس، ان جو (قسم آهي)، |
| قَد أَفلَحَ مَن زَكّىٰها (آيت : 9) |
|
ته بيشڪ جنهن پنهنجي (جان) کي (گناهن کان) پاڪ رکيو سو ته ڪامياب ٿيو، |
| وَقَد خابَ مَن دَسّىٰها (آيت : 10) |
|
۽ جنهن (گناھ ڪري) ان (نفس کي) دٻائي ڇڏيو سو نامراد رهيو. |
| كَذَّبَت ثَمودُ بِطَغوىٰها (آيت : 11) |
|
ثمود جي قوم (صالح کي) ان وقت پنهنجي سرڪشي جي ڪري ڪوڙو ڪيو، |
| إِذِ انبَعَثَ أَشقىٰها (آيت : 12) |
|
جڏهن انهن مان وڏو نامراد ٿيو، |
| فَقالَ لَهُم رَسولُ اللَّهِ ناقَةَ اللَّهِ وَسُقيٰها (آيت : 13) |
|
پوءِ خدا جي رسول (صالح) انهن کي چيو ته خدا جي ڏاچيءَ کي ۽ ان جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه اچو. |
| فَكَذَّبوهُ فَعَقَروها فَدَمدَمَ عَلَيهِم رَبُّهُم بِذَنبِهِم فَسَوّىٰها (آيت : 14) |
|
پوءِ انهن ان کي ڪوڙو ڪيو ۽ ان (ڏاچي) جا پير وڍي ڇڏيا، ته کين سندن پالڻهار انهن جي نافرماني ڪري برباد ڪيو. پوءِ ان (عذاب) کي (سڀني تي) برابر ڪري ڇڏيائين. |
| وَلا يَخافُ عُقبٰها (آيت : 15) |
|
۽ هن کي بدلي جو ته ڊپ نه آهي. |