وَالشَّمسِ وَضُحىٰها (آيت : 1) |
آهي ساک سِج جِي، پڻ اُنهِئَ جِي اوڀار، |
وَالقَمَرِ إِذا تَلىٰها (آيت : 2) |
پڻ ساک سُونهاري چنڊ جِي، وَرتئينسِ پُٺ جنهن وار، |
وَالنَّهارِ إِذا جَلّىٰها (آيت : 3) |
شاهِد ڏِينهن ڏيہ ۾، جڏهن لَڳَسِ جَھلڪار، |
وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰها (آيت : 4) |
پڻ ساک آهي سانِجھڙي، جَڏهن چَڙهي مَٿي چوڌار، |
وَالسَّماءِ وَما بَنىٰها (آيت : 5) |
۽ اُڀ، ڪِ اَڏاوت اُن جِي، اَکِيَن اڳيان اِظهار، |
وَالأَرضِ وَما طَحىٰها (آيت : 6) |
۽ ڀُون، ڪِ پَکيڙ اُن جِي، عَجَب رَنگ اِسرار، |
وَنَفسٍ وَما سَوّىٰها (آيت : 7) |
جِئ ڪِ جوڙڻ اُن جو، سَرکو نَڪ نِروار، |
فَأَلهَمَها فُجورَها وَتَقوىٰها (آيت : 8) |
پوءِ بُرو ۽ ڀلو اُن جو، سَمجھايَسِ سَتار، |
قَد أَفلَحَ مَن زَكّىٰها (آيت : 9) |
پَڪ ڇُٽو، جِنهن پاڪ رَکيَسِ، ڪَنان غير غبار، |
وَقَد خابَ مَن دَسّىٰها (آيت : 10) |
پوءِ هَرگـز کاڌئـِين هار، جِنهن گَندو ڪَيَسِ گُناھ سان. |
كَذَّبَت ثَمودُ بِطَغوىٰها (آيت : 11) |
ڪوڙِين ڪُوڙ ثَمود ڪيا، جا هُئـِي قوم ڪَذاب، سَبَب سَندنِ سَرڪشِي، ۽ بُڇڙايَن هَر باب، |
إِذِ انبَعَثَ أَشقىٰها (آيت : 12) |
تُھ نِڀاڳو تِن مَنجھان، جَڏهن کڙو ٿيو، خراب، |
فَقالَ لَهُم رَسولُ اللَّهِ ناقَةَ اللَّهِ وَسُقيٰها (آيت : 13) |
پوءِ آکِيَن نَبِي اَلله جي، ته اُٺ اَلله جِي ۽ آب، |
فَكَذَّبوهُ فَعَقَروها فَدَمدَمَ عَلَيهِم رَبُّهُم بِذَنبِهِم فَسَوّىٰها (آيت : 14) |
پوءِ ڪُوڙو کِيـَس ڪوٺيؤن، جو نَبِي نيڪ نواب، پوءِ گُڏيائوسِ، گوڏن کان، ڪري تڪڙ تاب، پوءِ کَڻِي هَنيا خاڪ تي، سَندنِ رَبَّ، وَهاب، سَبَب سَندِن گُناھ جي، پوءِ ڦيرئـِينِ سانئر شتاب، |
وَلا يَخافُ عُقبٰها (آيت : 15) |
۽ آخِر کينِ عَذاب، نَه ڏَري، ڏِيڻ ۾، اُن ڪنان. |