القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الشَّمۡسِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 15


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالشَّمسِ وَضُحىٰها (آيت : 1)

سج جو قسم آهي ۽ سندس مٿي چڙهڻ جو

وَالقَمَرِ إِذا تَلىٰها (آيت : 2)

۽ چنڊ جو جڏهن سج جي پٺيان اچي ٿو

وَالنَّهارِ إِذا جَلّىٰها (آيت : 3)

۽ ڏينهن جو جڏهن سج کي ظاهر ڪري ٿو

وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰها (آيت : 4)

۽ رات جو جڏهن سج کي ڍڪي ٿي

وَالسَّماءِ وَما بَنىٰها (آيت : 5)

۽ آسمان جو ۽ جنهن نموني ان کي بنايو اٿس تنهن جو

وَالأَرضِ وَما طَحىٰها (آيت : 6)

۽زمين جو ۽ جنهن نموني ان کي وڇايو اٿس تنهن جو

وَنَفسٍ وَما سَوّىٰها (آيت : 7)

۽ نفس جو ۽ جنهن نموني ان کي برابر جوڙيو اٿس

فَأَلهَمَها فُجورَها وَتَقوىٰها (آيت : 8)

پوءِ ان کي بدڪاري ۽ نيڪوڪاري جي سمجهه ڏني اٿس تنهن جو

قَد أَفلَحَ مَن زَكّىٰها (آيت : 9)

ته بيشڪ اهو مراد کي پهچي ويو جنهن نفس کي پاڪ ڪيو

وَقَد خابَ مَن دَسّىٰها (آيت : 10)

۽ بيشڪ اهو بي مراد ٿيو جنهن ان کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو

كَذَّبَت ثَمودُ بِطَغوىٰها (آيت : 11)

ثمود جي قوم (صالح کي) ان وقت پنهنجي سرڪشيءَ جي ڪري ڪوڙو ڪيو

إِذِ انبَعَثَ أَشقىٰها (آيت : 12)

جڏهن سندن وڏو نامراد اٿيو

فَقالَ لَهُم رَسولُ اللَّهِ ناقَةَ اللَّهِ وَسُقيٰها (آيت : 13)

پوءِ الله جي رسول (صالح) انهن کي چيو ته الله جي ڏاچيءَ کي ۽ ان جي پاڻي پيئڻ کي آڏو نه اچو

فَكَذَّبوهُ فَعَقَروها فَدَمدَمَ عَلَيهِم رَبُّهُم بِذَنبِهِم فَسَوّىٰها (آيت : 14)

پوءِ انهن ان کي ڪوڙو ڪيو پوءِ ان (ڏاچيءَ) کي ڪُهي وڌائون. پوءِ انهن کي سندن پاليندڙ سندن گناه جي ڪري برباد ڪيو. پوءِ ان (سزا) کي (سڀني تي) برابر ڪري ڇڏيائين

وَلا يَخافُ عُقبٰها (آيت : 15)

۽ الله ڪو ان (سزا ڏيڻ) کان ڊڄي نه ٿو


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025