وَالشَّمسِ وَضُحىٰها (آيت : 1) |
قسم آهي سج جو ۽ ان جي سُهائي جو. |
وَالقَمَرِ إِذا تَلىٰها (آيت : 2) |
قسم آهي چنڊ جو جڏهن ان (سج) جي پٺيان اچي. |
وَالنَّهارِ إِذا جَلّىٰها (آيت : 3) |
قسم آهي ڏينهن جو جڏهن سج کي ظاهر ڪري ٿو. |
وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰها (آيت : 4) |
قسم آهي رات جو جڏهن سج کي ڍڪي ٿي. |
وَالسَّماءِ وَما بَنىٰها (آيت : 5) |
قسم آهي آسمان جو ۽ ان ذات جو جنهن ان کي بنايو آهي. |
وَالأَرضِ وَما طَحىٰها (آيت : 6) |
قسم آهي زمين جو ۽ قسم آهي ان ذات جو جنهن ان کي وڇايو آهي. |
وَنَفسٍ وَما سَوّىٰها (آيت : 7) |
قسم آهي نفس جو ۽ ان ذات جو جنهن ان کي سنواريو آهي. |
فَأَلهَمَها فُجورَها وَتَقوىٰها (آيت : 8) |
پوءِ ان کي سندس بدڪاري ۽ سندس پرهيزگاري جي سمجهه ڏنائين. |
قَد أَفلَحَ مَن زَكّىٰها (آيت : 9) |
بيشڪ ڪامياب ٿيو اُهو جنهن ان (نفس) کي (رذيل خصلتن کان) پاڪ ڪيو. |
وَقَد خابَ مَن دَسّىٰها (آيت : 10) |
۽ بيشڪ نامراد ٿيو اُهو جنهن ان کي (رذيل خصلتن ۾) گدلو ڪيو. |
كَذَّبَت ثَمودُ بِطَغوىٰها (آيت : 11) |
ثمود (جي قوم) پنهنجي سرڪشي سبب (پنهنجي نبي صالح) کي ڪوڙو چيو. |
إِذِ انبَعَثَ أَشقىٰها (آيت : 12) |
جڏهن انهن مان هڪ وڏو بدبخت اٿيو. |
فَقالَ لَهُم رَسولُ اللَّهِ ناقَةَ اللَّهِ وَسُقيٰها (آيت : 13) |
پوءِ انهن کي الله جي رسول (صالح ) فرمايو: ”الله جي ڏاچي ۽ ان جي پاڻي پيئڻ جي واري (جي حفاظت ڪجو)“. |
فَكَذَّبوهُ فَعَقَروها فَدَمدَمَ عَلَيهِم رَبُّهُم بِذَنبِهِم فَسَوّىٰها (آيت : 14) |
پوءِ انهن کيس ڪوڙو چيو پوءِ ان (ڏاچيءَ) جون کُچون وڍيائون پوءِ انهن جي پالڻهار انهن جي گناهن سبب کين هلاڪ ڪيو پوءِ ان (بستي) کي (ميٽي زمين) برابر ڪري ڇڏيائين. |
وَلا يَخافُ عُقبٰها (آيت : 15) |
۽ اُهو (الله) انهن جي (تباهه ڪُن) انجام کان نه ٿو ڊڄي. |