وَالشَّمسِ وَضُحىٰها (آيت : 1) |
سج جو قسم آهي ۽ سندس (روشني پهچائڻ خاطر) مٿي چڙهڻ جو. |
وَالقَمَرِ إِذا تَلىٰها (آيت : 2) |
۽ چنڊ جو، جڏهن سج (کان روشني اوڌاري وٺڻ لاءِ ان) جي پٺيان اچي ٿو. |
وَالنَّهارِ إِذا جَلّىٰها (آيت : 3) |
۽ ڏينهن جو جڏهن روشنيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. |
وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰها (آيت : 4) |
۽ رات جو جڏهن (روشنيءَ) کي ڍڪي ٿي. |
وَالسَّماءِ وَما بَنىٰها (آيت : 5) |
۽ آسمان جو ۽ جنهن نموني ان کي (فضا جي بلندين سان) بنايو اٿس، تنهن جو، |
وَالأَرضِ وَما طَحىٰها (آيت : 6) |
۽ زمين جو ۽ جنهن نموني ان کي (گول هئڻ باوجود) وڇايو اٿس. تنهن جو، |
وَنَفسٍ وَما سَوّىٰها (آيت : 7) |
۽ نفس جو ۽ جنهن نموني ان کي (صلاحيت عطا ڪري) ٺيڪ ٺاڪ جوڙيو اٿس. |
فَأَلهَمَها فُجورَها وَتَقوىٰها (آيت : 8) |
پوءِ ان کي بدڪاري ۽ نيڪوڪاري جي سمجهه ڏني اٿس. تنهن جو (قسم)، |
قَد أَفلَحَ مَن زَكّىٰها (آيت : 9) |
(پوءِ ڪائنات ۽ انساني نفسن جون هي حقيقتون شاهد آهن ته) تحقيق اهو مراد (۽ ڪامرانيءَ) کي پهچي ويو، جنهن (پنهنجي جسم جي بجاءِ پنهنجي شخصيت جي اوسر ڪري) نفس کي پاڪ ڪيو. |
وَقَد خابَ مَن دَسّىٰها (آيت : 10) |
۽ بيشڪ اهو بي مراد ٿيو، جنهن (مفاد پرستين جي بار هيٺان پاڻ کي دٻائي رکيو) ۽ نفس کي مٽيءَ ۾ لوئاڙي ڇڏيو. |
كَذَّبَت ثَمودُ بِطَغوىٰها (آيت : 11) |
(انهيءَ حقيقت تي تاريخ جون شهادتون ڏسو) ثمود جي قوم (صالح عليه السلام کي) ان وقت پنهنجي سرڪشيءَ جي ڪري ڪوڙو ڪيو. |
إِذِ انبَعَثَ أَشقىٰها (آيت : 12) |
جڏهن سندس وڏو بدبخت آڪڙ ۾ اٿي پيو. |
فَقالَ لَهُم رَسولُ اللَّهِ ناقَةَ اللَّهِ وَسُقيٰها (آيت : 13) |
پوءِ الله جي رسول(عليه السلام) انهن کي چيو ته، الله جي ڏاچيءَ کي ۽ ان جي پاڻي کي آڏو نه اچو. |
فَكَذَّبوهُ فَعَقَروها فَدَمدَمَ عَلَيهِم رَبُّهُم بِذَنبِهِم فَسَوّىٰها (آيت : 14) |
پوءِ انهن کي ڪوڙو ڪيو، پوءِ ان (ڏاچيءَ) کي ڪهي وڌائون، پوءِ انهن کي سندن پاليندڙ (الله جي پالڻهاريءَ جي مخالفت واري) گناهه جي ڪري برباد ڪيو. پوءِ ان (سزا) کي (قوم جي سڀني ماڻهن تي) برابر ڪري ڇڏيائين. |
وَلا يَخافُ عُقبٰها (آيت : 15) |
۽ الله ڪو ان (سزا) جي نتيجي کان ڊڄي نه ٿو. |